ڪراچي (رپورٽر ) سنڌو جي صورتحال اها ئي رهي ته دنيا کي هڪ ٻيو موهن جو دڙو ڏسڻ وٽان ملي سگهي ٿو. سنڌو پنهنجي بقا جي سوال تي بيٺي آهي، شاهه لطيف جي شاعري ۾ مزاحمت سمايل آهي. موهن جو دڙو هزارين سال پراڻو آهي پر سنڌ جي تاريخ هزارين سال پراڻي نٿي ملي. رانا محبوب اختر جي ڪتاب ۾ موهن جي دڙي کان وٺي ملتان جي تاريخ جوذڪر ڪيل آهي. آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ ملڪ جي ناليواري ليکڪ رانا محبوب اختر جي ڪتاب“ سندهه گُلال” جي مهورتي تقريب ٿي جنهن جي صدارت پروفيسر سحرانصاري ڪئي ۽ تعليم وارو اڳوڻو نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي خاص مهمان طور شريڪ ٿيو. سنڌ جي ناليواري ليکڪا نورالهديٰ شاه، ڊاڪٽر فهميدا حسين، عنبرين عنبر، بخشڻ مهراڻوي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. پروفيسر سحرانصاري چيو ته رانا محبوب اختر پنهنجي ڪتاب ۾ سنڌ کي تمام بهتر نموني سمايو آهي، موهن جي دڙي کان وٺي ملتان جي تاريخ جو سندس ڪتاب ۾ ذڪر آهي، وڏي عرصي کان پوءِ ڪو بهترين ڪتاب ڇپجي آيو آهي. رانا محبوب اختر موهن جي دڙي جي سمبارا ۽ شاهه لطيف جي شاعري جا به حوالا ڏنا آهن جيڪو بهتر ڪم جي عڪاسي ڪري ٿو. مدد علي سنڌي چيو ته رانا محبوب اختر بهترين ليکڪ آهي کيس نثر لکڻ جو ايترو ڏانُ آهي جو مون هن جو ڪتاب هڪ رات ۾ ئي پڙهي مڪمل ڪيو ڇاڪاڻ ته مون کي مزو ايترو آهي جو مون پورو ڪتاب پڙهڻ مناسب سمجهيو هو. سنڌ جي تاريخ کي رانا محبوب اختر بهتر نموني سمايو آهي جيڪڏهن سندس ڪتاب جو ڪنهن به ترجمو ڪيو ته مان ڪلچرڊپارٽمنٽ کي چئي سندس ڪتاب ڇپرائيندس.موهن جو دڙو ست هزار سال آڳاٽو آهي پر سنڌ جي تارخ هزارين سالن جي نٿي ملي، دنيا وٽ پنهنجي تاريخ سمايل آهي پر اسان اڃا ان تهه تائين ناهيون ويا.سنڌ جي ناليواري ليکڪه نور الهديٰ شاهه چيو ته رانا محبوب اخترجو ڪتاب پڙهي مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي، هن نه رڳو ڪتاب لکيو آهي پر سنڌي گهمڻ کان پوءِ هن ڪتاب لکيو جيڪو بهترين ڪم آهي.سندس ڪتاب جو ترجمو سنڌي ۾ اچڻ گهرجي ان لاءِ اردو تي مهارت رکندڙ ڪير به سندس ترجمو ڪري ته بهتر ٿيندو. سنڌ پنهنجي بقا جي سوال تي بيٺي آهي، شاهه لطيف جي شاعري ۾ مزاحمت آهي. رانا محبوب اختر چيو ته مان سنڌو درياهه جي آخري ڇوڙ تائين ويو آهيان، جيڪڏهن صورتحال اها ئي رهي ته ٿي سگهي ٿو ته دنيا کي هڪ ٻيو موهن جو دڙو ڏسڻ وٽان ملي.سنڌ جي تاريخ تمام گهڻي پراڻي آهي جيترو به ٿي سگهيو آهي ڪم ڪيو اٿم.عنبرين حسن عنبر چيو ته راڻا محبوب اختر ڪراچي ۾ نه ٿو رهي پر سنڌ سان پيار ڪري ٿو هو ڪراچي کان مختلف هنڌن تي ويندو رهندو آهي ۽ جيستائين سنڌ جو دورو نه ڪندو آهي، تيستائين سندس روح بيچين رهندو آهي.مدد علي سنڌي سان جڏهن به ملندا آهيون هو هر ڀيري وڏو ماڻهو لڳندو آهي. رانا محبوب اختر بهترين ڪتاب لکيو اهي.جيڪڏهن ڪو سٺو ڪتاب قبول نه ڪيو وڃي ته پوءِ معياري ادب پوئتي رهجي وڃي ٿو ۽ اڄ جيڪو ڪجهه اسان ڏسي رهيا آهيون هڪ افسوسناڪ صورتحال آهي. ڊاڪٽر فهميده حسن چيو ته رانا محبوب اختر سنڌ جي تاريخ تي ڪتاب لکي پاڻ ملهايو آهي، هر ماڻهو کي اهو ڪتاب پڙهي تاريخ کان واقف ٿيڻ گهرجي.