6ڪئنالن خلاف قومي عوامي تحريڪ جون مختلف شهرن ۾ ريليون

شھدادڪوٽ/ ڪراچي(ن ع آ+پ ر) قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راهوجو، نياز علي عمراڻي، جاويد جمالي، اصغر جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھدادڪوٽ جي مين چوڪ ڪوٽو موٽو چوڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ منان  شيخ، فياض اتيرو، ڪاشف خاصخيلي، حسين سنڌي، پير بخش، اياز گُل ڄامڙو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي بلال چورنگي کان مرتضي چوڪ بلال ڪالوني تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي مظھرراھوجي ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته پاڻي زندگي آهي، 6 نوان ڪئنال ٺھي ويا ته سنڌ ڀڙڀانگ ويران ٿي ويندي سنڌ جي ماڻھن کي پيئڻ جو پاڻي به نه ملندو. سنڌ جا ماڻھو پنھنجو پنهنجي درياھ کي بچائڻ لاءِ جدوجھد جي ميدان تي اچن منان شيخ خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍي سنڌ کي ھٿ سان تباھ ۽  بنجر ڪرڻ جي سازش آھي، سنڌ اڳ ۾ ئي سوڪھڙي جو شڪار آهي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين مختلف ڪمپنين ۽ ادارن کي ڏئي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، فياض اتيرو خطاب ڪندي چيو ته سنڌو ڌريا 7 ڪروڙ سنڌين جو وجود آهي ريلي کي ڪاشف خاصخيلي، نيازعلي عمراڻي، جاويد جمالي، حسين سنڌي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.