مورو / نوشهروفيروز (رپورٽ: جاني مورائي / عتيق الرحمان وسطڙو) موري ڀرسان ڳوٺ فاضل تڳر جي رھواسين سان خوفناڪ حادثو پيش آيو، وين ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر سبب پي پٽ سميت هڪ گهر جي 5 ڀاتين سميت 7 ڄاڃي فوت ۽ 18 زخمي ٿي پيا، حيدر آباد ۾ شادي تقريب ڊاڪٽر محمد پريل تڳر جي پٽ عبدالجبار تڳر جي شادي کان واپس ايندڙ ڊوم وين ڪوھيڙي سبب موري ڀرسان نيشنل هاءِ وي تي چوٿين ميل اسٽاف تي ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن معصوم ٻارن ۽ عورتن سميت 7 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 18 زخمي ٿي پيا، لاش ۽ زخمين کي مورو اسپتال آندو ويو، جڏهن ته مورو اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ اسٽاف کان سواءِ دوائن جي کوٽ ھجڻ ڪري زخمي تڙپندا رھيا، جنهن بعد ڏھن زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ شھيد بينظير آباد اسپتال ريفر ڪيو ويو، حادثي ۾ ھڪ گھر جا پنج ڀاتي فوت ٿيڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو، فوتين ۾ علي محمد تڳر، ظھير تڳر، مولابخش تڳر، فيصل تڳر، 12سالا فضا تڳر، شريفان تڳر، جلال تڳر شامل آهن، واقعو گذريل ڏينهن فجر مھل ڪوھيڙي سبب پيش آيو، وين تيز رفتاري سبب ٽرالر اندر ھلي وئي، وين کي ڪٽي لاش ٻاهر ڪڍيا ويا، جڏھن ته ڳوٺ فاضل تڳر ۾ ھڪ ئي وقت ستن فوتين جي جنازي جي نماز ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ ايم اين اي ذوالفقار علي بھڻ، ايم پي اي ممتاز علي چانڊيو ۽ شاھنواز جتوئي سميت علائقي جي سوين ماڻھن جي شرڪت ڪئي، افسوسناڪ وقعي تي ھر طرف ڏک وارو منظر ۽ ھر اک آلي ٿي وئي، شادي جون خوشون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون.