حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي ۽ نور نبي پليجي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته پيپلز پارٽي سازش تحت ڪينالن خلاف سنڌي عوام جي جدوجهد کي سبوتاز ڪرڻ چاهي ٿي، بلاول ڪينالن خلاف بيان بازي ٿو ڪري ۽ صدر زرداري ڪينالن جو ڪم تيز ڪرڻ جا حڪم ڏئي رهيو آهي، بلاول بيان بازي ڪرڻ بدران سينيٽ ۽ قومي اسيمبليءَ مان ڪينالن ۽ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف قرارداد منظور ڪرائي، ڇهه نون ڪينالن جو ڪم فوري طور بند ڪري سنڌ_پنجاب پاڻي ٺاهه 1945ع تحت سنڌ کي سنڌ جي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ڇهه نون ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف عوامي تحريڪ طرفان عوامي تحريڪ طرفان 18 جنوري تي اسلام آباد ۾ ڪانفرنس ڪئي ويندي.