لاهور (امداد سومرو) هڪ پاسي ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته ٻئي پاسي عالمي سطح تي پي ٽي آءِ جي موقف جي حق ۾ آواز اٿي رهيا آهن. يورپي يونين ۽ ميٿيو ملر جو بيان به اچي ويو. دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته حڪومت عمران خان کان جان ڇڏائڻ چاهي ٿي ته ان کان اڳ جو صدر ٽرمپ وائيٽ هائوس ۾ اچي ذميواريون سنڀالي پهريان ئي عمران خان کي آزاد ڪيو وڃي. ٻيو تاثر اهو آهي ته نواز شريف چاهي ٿو ته عمران خان کي آزاد ڪيو وڃي، ڳالهيون ڪري کيس ڇڏيو وڃي. نواز شريف ڪڏهن به ائين نه چاهيندو ته عمران خان کي آزاد ڪيو وڃي، جيڪڏهن عمران خان آزاد ٿيو ته اهو هنن کي ئي کائي ويندو، مٿس جيڪي الزام آهن اهي ڳنڀير آهن. پي ٽي آءِ وارا سمجهن ٿا ته عالمي دٻاءَ جي ڪري حڪومت عمران خان کي آزاد ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندي ۽ ڳالهين جي ضرورت نه رهندي. اهو ئي سبب آهي جو پي ٽي آءِ جي اڳواڻ بئريسٽر علي ظفر چئي ڇڏيو ته ڪميٽي وٽ ڪو اختيار ناهي فيصلو ڪرڻ جو ۽ هاڻي ٿي سگهي ٿو ته 2 جنوري تي ٻي گڏجاڻي ٿئي يا نه ٿئي ڇو ته بيانيو ٺاهڻ شروع ڪيو ويندو. عمران خان ڳالهين ذريعي آزاد نه ٿيندو ۽ عالمي دٻاءَ جي نتيجي ۾ به آزاد نه ٿيندو. عدالتن جي ذريعي سندس آزادي ممڪن ٿي سگهي ٿي. آمريڪا جو بيان رڳو فوجي عدالتن بابت آهي، اسان به چئون ٿا ته فوجي عدالتن ۾ اهڙا فيصلا نه ٿيڻ گهرجن، سويلين سسٽم مضبوط ٿيڻ گهرجي پوءِ کڻي عدالت هجي يا پارليامينٽ هجي، فيصلا اتان اچڻ گهرجن. فيصلا جي ايڇ ڪيو يا انهن ججن کان ڪرايا ويندا ته سويلين سسٽم پنهنجي جاءِ وڃائيندو ويندو. آمريڪا به اهو ئي چيو آهي، عمران خان جو ذڪر ناهي ڪيو.