وي پي اين وسيلي انٽرنيٽ واھپيدارن جي نگراني جو فيصلو

اسلام آباد(طلعت حسين) جڏھن کان انٽرنيٽ تائين قانوني رسائي بند ٿي آھي تھ وي پي اين جو ڪاروبار ڦھليو آھي جيڪو پنھنجي سڃاڻپ لڪائي پابندي پيل ويب سائٽس تي پھچڻ جو ھڪ رستو آهي ھاڻي وري سرڪار نامدار لاءِ اھو ٽاسڪ آھي تھ ان ٽريفڪ کي بھ ڪھڙي رستي  روڪجي، چوڻ  آھي تھ پاڪستاني رياست کي سوشل ميڊيا وسيلي لوڏڻ جي ترغيب ڏني ويندي آھي ۽ پروپيگنڊا ڪئي وڃي ٿي،انھن ڏوھارين  خلاف ڪارروائي بھتر پر توھان پوري پاڪستان کي يرغمال بڻائي نھ ٿا سگھو . پي ٽي اي پاران نئين اسڪيم جاري ڪئي وئي آھي جنھن تحت  وي پي اين ڪمپنيون ٺاھيون ويون آھن جن کي لائسنس جاري ڪياويندا. ڏسڻ ۾ ڀلي ڳالھه آھي تھ معياري ڪنيڪشن ملندو پر  ان ۾ وي پي اين جي مانيٽرنگ جي ٽِرڪ آهي ھڪ ڪمپني وٽ لکين سبسڪرائبرن جي ڊيٽا ھوندي ٽيليفون ڪمپنين وارو ايڪئپمينٽ  مانيٽرنگ لاءِ وي پي اين ڪمپنيز ۾ لڳايو ويندو جنھن جو نالو ليگل انسٽرسيپشن  سسٽم. جنھن وسيلي سموري ٽريفڪ جن ۾ ڪالز ميسيجز سرچنگ سڀ ، ڊليٽ ٿيل ميسيجز سڀني جي نگراني ٿيندي،سمجھي سگھجي ٿو تھ پاڪستان اندر سرويلنس جو سسٽم ڪيترو سخت ٿيڻ پيو وڃي

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، اربع 25 ڊسمبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.