پاڪستان پاران آمريڪا ۽ برطانيا کي ”ابسوليوٽلي ناٽ“ جو جواب

لاھور (معظم فخر) آمريڪا ، برطانيھ ۽ يورپي يونين پاران ملٽري ٽرائل وسيلي 9 مئي جي جوابدارن کي مليل سزائن کي رد ڪيو ويو آھي ۽ ان تي خدشن جواظھار ڪيوآھي ۽ آمريڪا ۽ برطانيھ جي پرڏيھي کاتن پاران انھن ڏوھارين جي شفاف ٽرائل کي يقيني بنائڻ جو مطالبو ڪيو ويوآھي. آمريڪي ترجمان جي جاري ڪيل بيان کي ڊونلڊ ٽرمپ جي نامزد خصوصي ايلچي رچرڊ گرينل  پنھنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ وسيلي  رد ڪندي چيو آھي تھ اھو بيان ڪمزور موقف آھي ،عمران جي فوري آزادي جو مطالبوڪرڻ گهرجي، اھو بيان پي ٽي آئي لاءِ طاقت جي انجڪيشن وانگر آھي،ان خبر تي پي ٽي آءِ  ۾ جشن ۽ جھمر وارو ماحول بڻيل آھي پر اصل خبر اھا آھي تھ پاڪستان ان رد عمل کي ايبسيوٽلي ناٽ چيو آھي.پاڪستان جي سرڪار ، اسٽيبلشمنٽ  آمريڪا ۽ برطانيھ کي منھن تي نهڪر ڪئي آھي تھ اسان ڪي غلام ناھيون. پاڪستان برطانيھ کي چيو آهي ته توھان پنھنجي ڪم سان ڪم رکو ،عمران _ ٽرمپ ملاقات بعد ٽرمپ چيو ھيو تھ مان ڪشمير تي ٽياڪڙي لاءِ تيار آھيان  نتيجو اھو نڪتو جو انڊيا آرتيڪل 360 ختم ڪري والاريل ڪشمير جي آزاد حيثيت ئي ختم ڪري ڇڏي. سو آمريڪا سمجھي ٿو تھ اھا ايجنڊا عمران ئي پوري ڪندو، ڪشمير بعد پاڪستان جو ايٽمي ۽ ميزائل پروگرام بھ نشانو ھوندو.۽ عمران کي آزاد ڪرائي پاڪستان اندڙ نسلي وڳوڙ ڪرائي  ملڪ کي ڪمزور ڪري ايٽمي پروگرام کي ختم ڪرڻ جو منصوبوآھي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، اربع 25 ڊسمبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.