اسلام آباد/ واشنگٽن(م ڊ) پاڪستان فوجي عدالتن پاران شهرين کي ڏنل سزائن تي عالمي ردعمل کي رد ڪندي چيو آهي ته فوجي عدالتن جا فيصلا پارليامينٽ مان پاس ڪيل قانون ۽ سپريم ڪورٽ فيصلن موجب ڪيا ويندا آهن، پاڪستان پنهنجي اندروني مسئلن جو حل ڄاڻي ٿو، پاڪستان جي سلامتي جا فيصلا پاڪستاني قوم ڪندي، ڪنهن به پرڏيهي مداخلت جي ضرورت ناهي، پاڪستان انساني حقن بابت عالمي قانون کي مڪمل طور تسليم ڪري ٿو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ فوجي عدالتن بابت عالمي خدشن جو جواب ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جو آئين ۽ عدالتون اندروني مسئلا حل ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت رکن ٿيون، پاڪستاني قوم ڄاڻي ٿي ته پنهنجا اندروني مسئلا ڪيئن حل ڪيا وڃن، اهو معاملو عدالتن ۾ هلندڙ آهي، ان ۾ ڪنهن به پرڏيهي دٻاءُ کي اجازت نه ڏني ويندي، هن چيو ته آمريڪي پابندين جو پاڪستان جي دفاعي فيصلن تي ڪو به اثر نه پوندو، اهڙن قدمن سان پاڪستان جي دفاعي پوزيشن ڪمزور نه ٿي سگهي، ڀارت خطي ۾ ميزائل سسٽم ۽ ايٽمي ٽيڪنالاجي جي ڊوڙ شروع ڪري ڇڏي آهي، وڏين طاقتن کي گهرجي ته هو ڀارت خلاف سخت قدم کڻي ان ڊوڙ کي روڪڻ ۾ مدد ڪن، ٻي پاسي يورپي يونين ۽ برطانيا کانپوءِ آمريڪي پرڏيهي کاتي پاران به چيو ويو ته آمريڪا کي ان ڳالهه تي تمام گهڻي ڳڻتي آهي ته هڪ فوجي ٽربيونل 9 مئي 2023ع تي ٿيل احتجاج ۾ ملوث پاڪستاني شهرين کي سزا ٻڌائي آهي، فوجي عدالتن ۾ عدالتي آزادي، شفافيت ۽ مناسب عمل جي کوٽ آهي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا پاڪستاني اختيارين تي زور ڏئي ٿو ته هو پاڪستاني آئين موجب منصفاڻي ٽرائل جي حق جو احترام ڪن.