سکر(رپورٽر/ م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هاڻ انفراسٽرڪچر موٽر وي نه پر براڊ بينڊ انٽرنيٽ جي ضرورت آهي، ڊجيٽل اسپيس خطري ۾ آهي، نوجوانن کي تيز رفتار انٽرنيٽ ۽ ڊجيٽل حقن لاءِ حڪومت سان مزاحمت ڪرڻي پوندي، آءِ بي اي سکر جي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته هر شيءِ تي ڪنٽرول ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي، اها ڪوشش ڪندي ته توهان کي، توهان جي ادارن ۽ توهان جي شين تي به ڪنٽرول ڪري، پر نوجوانن کي حڪومت خلاف مزاحمت ڪرڻي آهي ۽ پنهنجا حق حاصل ڪرڻا آهن، هن چيو ته هر نسل پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي آهي، جمهوريت اسان کي تحفي ۾ ناهي ملي، اسان جدوجهد ڪئي آهي، نوجوانن پنهنجي تعليم، پنهنجي آواز ۽ پنهنجي صلاحيتن سان سڀني بندوق وارن کي شڪست ڏني آهي، انگريز دور ۾ به نوجوان پهرين صف ۾ هئا، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ضياءَ جو دور ۽ جنرل مشرف جو دور سڀني جي سامهون آهي پر هن دور ۾ ڊجيٽل اسپيس خطري هيٺ آهي، جيڪڏهن پاڪستان کي معاشي طور تي مضبوط بڻائڻو آهي ته ٽيڪنالاجي بنيادي اهميت رکي ٿي، جيڪڏهن پاڪستان کي هڪ ٽريلين ڊالرن جي معيشت ٺاهڻي آهي ته ٽيڪس سيڪٽر کي آزاد ڇڏي ڏيو، هن چيو ته موٽر ويز ماڻهن کي ۽ انٽرنيٽ دنيا کي ڳنڍي ٿو، نوجوانن کي جمهوري طريقي سان ڊجيٽل رائيٽس بل لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي، اسين هن ٽٽل ڦٽل نظام ۾ جدوجهد ڪري نوجوانن کي سندن حق ڏيارينداسين، هن چيو ته ڊيٽا پرائيويسي توهان جو حق آهي، نوجوان مون کي ڊجيٽل بل جي حقن لاءِ تجويزون ڏين، آئون اسلام آباد ۾ ويٺل پوڙهن کي سمجهائينداسين، موسمياتي تبديلي جي حوالي سان بلاول ڀٽو زرداري چيو ته موسمياتي تبديليءَ جو خطرو هماليه وادي ۾ رهندڙن لاءِ سڀ کان وڌيڪ آهي، آلودگي ۾ پاڪستان جو ڪو به حصو نه آهي، پهرين اولهه سامراجيت ذريعي وسيلا لٽيا، پوءِ صنعتي انقلاب جي نالي تي ماحول کي نقصان پهچايو، بلاول ڪامياب شاگردن کي مبارڪباد ڏني چيو ته ڪامياب شاگرد پنهنجي زندگي جي نئين دور ۾ داخل ٿيڻ وارا آهن، آءِ بي اي بهترين تعليمي درسگاهه آهي جتي مختلف ملڪن جا شاگرد علم حاصل ڪرڻ لاءِ داخلا وٺي رهيا آهن، تعليم هڪ اهڙو هٿيار آهي جيڪو توهان کان ڪير به کسي نه ٿو سگهي، تعليم نوجوانن کي پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي.پ پ چيئرمين تقريب دوران پوزيشن هولڊرز شاگرد ۽ شاگردياڻين ۾ ميڊل ۽ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا، ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته آءِ بي اي يونيورسٽي سکر دنيا جي بهترين يونيورسٽين مان هڪ آهي، مرحوم نثار احمد صديقي جي محنت جي نتيجي ۾ آءِ بي اي يونيورسٽي اعليٰ مقام تي پهتي آهي اهو سيد خورشيد احمد شاھ جي محنت جو نتيجو آھي، قمبر شهدادڪوٽ ۾ آءِ بي اي جو ڪيمپس به کولڻ وڃي رهيا آھيون .