سياست ڪندڙ فوجين خلاف جاچ ڪريو: علوي

پشاور(م ڊ) اڳوڻي صدر ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر عارف علوي مطالبو ڪيو آهي ته سياست ۾ حصو وٺندڙ سمورن فوجي آفيسرن خلاف  جاچ ٿيڻ گهرجي، پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عارف علوي چيو ته مان چوان ٿو ته جن آفيسرن سياست ۾ حصو ورتو ۽ حصو وٺي رهيا آهن انهن جو احتساب ٿيڻ گهرجي، سندن خلاف جاچ ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته ته تبديلي اچڻ واري آهي، ستارا حرڪت ۾ اچي ويا آهن، عمران خان ڏيڍ مهيني ۾ آزاد ٿي ويندو، منهنجو مشورو آهي ته اڃا به وقت آهي ڪنهن نه ڪنهن طرح پوئتي هٽيو، عمران خان کي ڪنهن نه ڪنهن طرح راضي ڪريو ۽ رجيم چينج وارن معاملن کي مڪمل طور تي رورس ڪريو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.