ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ مسيحي برادريءَ پاران اڄ ڪرسمس جو ڏڻ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو.
ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي سميت ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪرسمس جي وڻن سميت گرجاگهرن کي سينگاريو ويو.
سڄي دنيا ۾ گرجاگهرن ۾ خاص عبادتون ۽ دعائون گهريون ويون.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر آصف علي زرداري مسيحي برادريءَ کي ڪرسمس جي موقعي تي مبارڪباد پيش ڪئي.
ٻنهي اڳواڻن چيو ته حضرت عيسيٰ عه دنيا ۾ امن، محبت ۽ انسانيت جو پيغام آڻيندڙ آهي.
Prev Post
You might also like