نيو يارڪ (م ڊ) نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي صلاحڪار رچرڊ گرينل سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس جي مالڪ ايلون مسڪ کان مطالبو ڪيو ته هو پاڪستان کي انهن ملڪن جي لسٽ ۾ شامل ڪري جتي اسٽارلنڪ سروس جي سهولت لاءِ موجود آهي. رچرڊ گرينل ايڪس تي پوسٽ ذريعي مطالبو ڪيو ۽ پوءِ سندس پوسٽ کي ٻيهر شيئر ڪيو پيو وڃي. پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر رچرڊ گرينل جي پوسٽ تي تبصرو ڪندي لکيو ته اسان کي اسٽار لنڪ سروس جي ضرورت ان لاءِ به آهي جو اسٽيبلشمينٽ حقيقن تي ٻڌل خبرن جي پليٽ فارم ايڪس کي پاڪستان ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستانين کي وي پي اين جو سهارو وٺڻو پوي ٿو.