ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جو 148 هون جنم ڏهاڙو سڄي ملڪ ۾ روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو.
ڏينهن جي شروعات وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ توپن جي سلامي سان ٿي، جنهن ۾ پاڪ فوج جي جوانن ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.
باباءِ قوم قائد اعظم محمد علي جناح جي ڄمڻ تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل هئي، جڏهن ته سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن مختلف تقريبون ڪوٺايون ويون.
پاڪستان جي بانيءَ جي جنم ڏينهن تي گارڊن جي تبديلي جي پروقار تقريب مزار قائد تي منعقد ٿي، جتي پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول جي دستي گارڊن جا فرض سنڀاليا.
ملڪ جي باني قائداعظم محمد علي جناح جو 148هون جنم ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو
You might also like