اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهبازشريف قائد اعظم محمد علي جناح جي جنم ڏهاڙي تي ڀيٽا پيش ڪئي آهي.
صدر آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته قائد اعظم محمد علي جناح هڪ جمهوري ۽ پاڻڀرو پاڪستان جو ويزن رکندو هو، هو قائداعظم جي بصيرت، لازوال همت ۽ بي مثال عزم جي ياد تازي ڪري رهيا آهن.
صدر وڌيڪ چيو ته قائد اعظم اهو ڪري ڏيکاريو، جيڪو گهڻا ماڻهو ناممڪن سمجهندا هئا.
You might also like