ڏکڻ آفريڪا خلاف پهرين ٽيسٽ لاءِ پاڪستان ٽيم جو اعلان، بابر ۽ عباس جي واپسي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) ڏکڻ آفريڪا خلاف خميس کان شروع ٿيندڙ باڪسنگ ڊي ٽيسٽ لاءِ پليئنگ اليون جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سليڪٽرز چئن فاسٽ بالرن سان ميدان تي لهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، تجربيڪار فاسٽ بالر محمد عباس جي ٽن ورهين بعد پليئنگ اليون ۾ واپسي ٿي آهي، هن آخري ڀيرو پاڪستان لاءِ آگسٽ 2021ع ۾ ويسٽ انڊيز خالف ٽيسٽ کيڏي هئي.
پليئنگ اليون ڪپتان شان مسعود، صائم ايوب، بابر اعظم، ڪامران غلام، محمد رضوان، سعود شڪيل، سلمان علي آغا، عامر جمال، نسيم شاهه، خرم شهزاد ۽ محمد عباس شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.