اهڙي پاڪستان تي يقين رکون ٿا جتي هر شهري کي پنهنجي عقيدي جو جشن ملهائڻ جي آزادي هجي: بلاول

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪرسمس جي موقعي تي خاص پيغام جاري ڪندي مسيحي برادريءَ کي ڪرسمس جون واڌايون پيش ڪيون آهن.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ مسيحي برادريءَ کي ڪرسمس جي مبارڪباد پيش ڪئي.
پنهنجي پيغام ۾هن چيو ته اسان اهڙي پاڪستان تي يقين رکون ٿا جتي هر شهري کي بغير ڪنهن خوف يا امتيازي سلوڪ جي پنهنجي عقيدو جو جشن ملهاڻ جي آزادي هجي.
سندس چوڻ هو ته مسيحي برادريءَ پاڪستان جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ انهن جي محنت ۽ حب الوطني اسان لاءِ فخر جو سبب آهي.
هن وڌيڪ چيوته اچو ته سڀ گڏجي اهڙو پاڪستان تعمير ڪريون جيڪو رواداري ۽ همدردي جي اصل روح کي پيش ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.