ڏکڻ وزيرستان ۾ آپريشن، 13 خارجي مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) سيڪيورٽي فورسز ڏکڻ وزيرستان ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪري 13 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز ڏکڻ وزيرستان جي علائقي سرا روغه ۾ 24 ۽ 25 ڊسمبر جي وچ واري رات انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو، جنهن دوران فورسز خارجين جي ٿاڪن کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو.
آءِ ايس پي آر موجب، آپريشن جي نتيجي ۾ 13 دهشتگرد مارجي ويا، مارجي ويل خارجي سيڪيورٽي فورسز خلاف دهشتگرد ڪاررواين سميت معصوم شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ خوارج جي خاتمي لاءِ سينيٽائزيشن آپريشن جاري آهي، سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پُرعزم آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.