پارا چنار ۾ بند رستا کوليا وڃن:اسد ڀٽو

ڪراچي ( رپورٽر) ملي يڪجهتي ڪائونسل سنڌ جي صدر ۽ اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو حڪومتي دعوائن جي ابتڙ  خيبر  پختونخوا جي ضلع ڪرَم ۾ پشاور-پارچنار مرڪزي شاهراهه سميت آمدورفت جا رستا 75 ڏينهن گذرڻ باوجود بند ۽ علاج جي سهولتن ختم ٿيڻ سبب 50 ٻارڙن جي فوتگي وارن خبرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي حڪومت کان گھر ڪئي آهي ته بند رستن کي کوليو ۽ ان کي محفوظ بڻايو، ڪراس بارڊر ۽ ڪالعدم تنظيمن کي روڪيو وڃي، قبائلي ماڻهن جي زمين جا مسئلا حل ڪيا وڃن ۽ خوراڪ ۽ دوائون انساني ضرورتن کي پهچايو وڃي. هن هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته مرڪزي شاهراهه جي مسلسل بندش سبب شهري بحراني صورتحال ۾ مبتلا آهن، خوراڪ جون شيون ۽ روز مره استعمال جون شيون ختم ٿي چڪيون آهن. پاراچنار ڪو غير ملڪي علائقو ناهي، پاڪستان جو حصو آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن هڪ ٻئي تي الزام تراشي ڪرڻ بجاءِ انساني المي کان بچڻ لاءِ فوري طور امن قائم ڪرڻ ۽ رستن جي بحالي لاءِ مؤثر ۽ سنجيده قدمن کڻڻ گهرجن. ضلع ڪرَم پاراچنار ۾ امن جي قيام لاءِ مستقل بنيادن تي گرينڊ جرڳوقائم ڪيو وڃي، بيگناهن جي قتل عام ۾ ملوث عناصر کي سخت سزا ڏني وڃي. رياست پنهنجي قانون جي رٽ قائم ڪري، ٻي صورت ۾ انتها پسندي ۽ انتشار پکڙجڻ جو خدشو آهي، رياست کي هر مظلوم سان گڏ بيهڻو پوندو. اهڙي قسم جي خونريزي ۽ اچ وڃ جا رستا محفوظ بڻائڻ جو سڄو ذمو حڪومت تي آهي ۽ ان لاءِ اڳواٽ عملي ۽ سنجيده قدمن جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.