ڪرم ۾ ٻارن جو فوت ٿيڻ حڪومتي نااهلي آهي: ميان افتخار حسين

پشاور (م ڊ) عوامي نيشنل پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ميان افتخار حسين ڪرم ۾ دوائن ۽ ضرورت جي شين جي کوٽ سبب ٻارن  جي فوتگين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته عوام دوائن جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ معصوم ٻارن جو فوت ٿيڻ حڪومتي نااهلي آهي. هن چيو ته ڇڪتاڻ وارين حالتن سبب عوام ٻارن ۽ عورتن سميت گهرن ۾ ڦاٿل آهن. هر گذرندڙ ڏينهن سان علائقي ۾ عوام کي پيش ايندڙ بحران ۾ واڌ ٿي رهي آهي. ميان افتخار حسين چيو ته بدقسمتي سان مرڪزي رستن جي بندش ان بحران کي وڌائي ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.