ماسڪو/انقره (م ڊ) ترڪي خابرو ادارن موجب شام جي اڳوڻي صدر بشار الاسد جي گهرواري اسما اسد ماسڪو ڇڏي لنڊن وڃڻ لاءِ بشارالاسد کان طلاق جو مطالبو ڪري ڇڏيو. اسما اسد روسي عدالت سان رابطو ڪري ماسڪو ڇڏڻ جي اجازت گهري آهي، جڏهن ته سندن درخواست تي غور جاري آهي، پر اڃا تائين ڪو فيصلو ناهي ٿيو. خابرو اداري موجب بشار الاسد جي روس ۾ پناهه جي درخواست منظور ڪئي وئي آهي، پر کيس سخت پابندين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. روسي اختيارين سندس سياسي سرگرمين تي پابندي لڳائي آهي ۽ ماسڪو ڇڏڻ کان روڪيو آهي. بشار الاسد جي اثاثن ۽ دولت تائين رسائي به روڪي وئي آهي. ٻئي پاسي روس اهڙين خبرن جي ترديد ڪئي. برطانوي خابرو اداري موجب روسي صدارتي آفيس ڪرملن جي ترجمان ترڪ ميڊيا جي خبرن کي رد ڪندي چيوته اسما اسد مڙس کان طلاق لاءِ روسي عدالت سان ڪو رابطو ناهي ڪيو نه ئي برطانيا وڃڻ واري رپورٽ سچي آهي.