غزا ۾ اسرائيل جي جارحيت جاري، وڌيڪ 58 فلسطيني شهيد

غزا ( م ڊ )  غزا ۾ اسرائيل جي جارحيت جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 58 فلسطيني شهيد ٿي ويا.پرڏيهي خابرو اداري رائٽرز جي رپورٽ موجب محصور علائقي جي صحت  واري وزارت جو چوڻ آهي ته گذريل سال آڪٽوبر ۾ اسرائيلي حملي کانپوءِ غزا ۾ شهيدن جو انگ 45 هزار 317 تائين پهچي ويو آهي. فلسطيني علائقي غزا جي صحت واري وزارت هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسرائيلي بربريت جي ڪارروائين جو نشانو بڻجندڙ فلسطيني علائقي ۾ 7 آڪٽوبر 2023ع کان وٺي اسرائيلي فوج جي آپريشن ۾ 45 هزار 317 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.

  1. سپريم ڪورٽ ۾ ڪرسمس جي تقريب، چيف جسٽس ڪيڪ ڪاٽيو

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ ڪرسمس جي حوالي سان تقريب ٿي، چيف جسٽس يحييٰ آفريدي ڪيڪ ڪاٽيو. سپريم ڪورٽ جي پڌرائي موجب تقريب ۾ مسيحي برادري سان واسطو  رکندڙ ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪرسمس تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس ٻڌي ۽ سڀني مذهبن جي احترام تي زور ڏنو. چيف جسٽس مسيحي برادري کي مبارڪون ڏنيون. چيف جسٽس انصاف جي نظام ۾ مسيحي عملي جي ميمبرن جي خدمتن جو اعتراف ڪيو. تقريب ۾ رجسٽرار سپريم ڪورٽ، بار ايسوسيئيشن جي عهديدارن شرڪت ڪئي.

  1. اسلام آباد ۾ سياسي جنگ بيانيي جي جنگ آهي: مشاهد حسين سيد

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير مشاهد حسين سيد چيو ته پاڪستان ۾ غلط ڄاڻ پکيڙڻ ۾ عالمي پروپيگنڊا به ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اسلام آباد انسٽيٽيوٽ آف ڪانفليڪٽ ريزوليوشن پاران ڪرايل  ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مشاهد حسين سيد چيو ته ملڪ ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ مقامي ٻولين تي ڀارڻ گهرجي. غلط ڄاڻ جي پکيڙ سماج ۾ بگاڙ جو سبب بڻجندي آهي. هن چيو ته اسلام آباد ۾ سياسي جنگ بيانيي جي جنگ آهي. پي ٽي آءِ ڊي چوڪ تي مارجي ويلن بابت واضح انگ اکر سامهون ناهي آڻي سگهي ڪيس حقيقتن جي بنياد تي ڪيس وڙهڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.