دادو واسي پورهيت حجم بلوچستان ۾ قتل، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

دادو(ڊ ر ) دادو جو رهواسي بلوچستان جي علائقي ضلع پنج گور ۾ بيدردي سان قتل، وارثن پاران دادو پريس ڪلب آڏو لاش رکي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي، وارثن جو چوڻ هو ته بلوچستان  جي ضلعي پنجگور ۾ دهشتگردن هٿان قتل ٿيل دادو واسي پورهيت شمن علي پٽ قربان علي ٻٻر جو لاش وارث بلوچستان مان کڻائي دادو پهتا لاش سميت وارثن جو دادو پريس ڪلب اڳيان سخت احتجاج، مقتول جي وارثن والد قربان علي ٻٻر، سڪندر علي ٻٻر، رمضان، غلام شبير ٻٻر، پناهه علي ٻٻر، ديدار ٻٻر، آصف ٻٻر، طفيل ٻٻر سميت  دادو جي شھرين، سول سوسائٽي جي اڳواڻن ميڊيا کي ٻڌايو ته هي پورھيت سيلون جو ڪم ڪندڙ هو جنهن کي بيگناهه دهشتگردي جو شڪار بڻايو ويو آهي، اسان جي ڪنهن سان دشمني نه آهي، هن کي اڻڄاتل دھشتگردن سرعام ڏينهن ڏٺي جو دوڪان تي گوليون ھڻي قتل ڪيو آهي اسان سان انصاف ڪيو وڃي، مظاهرين چيف جسٽس آف پاڪستان، گهرو کاتي جي وفاقي وزير کان مطالبو ڪيو ته هن قتل واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.