ڪرم آفت سٽيل قرار، ايمرجنسي رليف شروع، خاص پوليس قائم

پشاور(م ڊ) خيبرپختونخواهه ڪابينا ڪرم جي زميني رستن جي بحالي ۽ فرقيوارانه نفرت پکيڙڻ وارن خلاف ڪارروائي لاءِ اسپيشل پوليس فورس جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ايف آءِ اي اهڙن سمورن  سوشل ميڊيا اڪائونٽس جي نشاندهي ڪندي، جڏهن ته روڊن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ 399 پوليس اهلڪار ڀرتي ڪيا ويندا، ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير  علي امين گنڊاپور چيو ته ڪرم جو مسئلو دهشتگردي نه پر ٻن گروپن ۾ ٽڪراءُ آهي، ماڻهو امن چاهين ٿا پر ڪجهه عنصر صورتحال کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، علائقي ۾ غير قانوني هٿيارن جو وڏو ذخيرو موجود آهي، اهڙن هٿيارن کي رکڻ ۽ مورچن ٺاهڻ جو ڪو به جواز ناهي، بئريسٽر سيف جو چوڻ آهي ته ڪابينا اجلاس ۾ ڪرم کي آفت وارو قرار ڏيڻ جي منظوري کانپوءِ ڪرم ۾ هنگامي امدادي سرگرمين جي قانوني منظوري ڏني وئي آهي، رليف ايمرجنسي ۾ دوائن جي فراهمي، کاڌي پيتي ۽ هوائي سروس ذريعي ٽرانسپورٽ شامل آهي، خيبرپختونخواهه حڪومت وفاق کي درخواست ڪئي آهي ته ڪرم ضلعي ۾ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري (ايف سي) کي مقرر ڪيو وڃي.ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن لاءِ بم پروف گاڏين جو به بندوبست ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.