سکر (رپورٽ: رستم انڍڙ) سکر ويجهو ڪجهه ڏينهن اڳ پٽڻي ٿاڻي جي حد ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران مارجي ويل رضا زنگيجو جي ڀيڻ زينب زنگيجو پنهنجي وڪيل سان گڏ روھڙي سول ڪورٽ ۾ ڀاءُ جي بيگناهھ قتل ۽ پنهنجي اغوا بابت درخواست داخل ڪئي آهي، درخواست ۾ سکر ۽ روهڙي جا 11 پوليس آفيسر ۽ اهلڪار شامل آهن ، مارجي ويل نوجوان جي ڀيڻ زينب زنگيجو پاران وڪيل معرفت روھڙي ڊي ايس پي مشتاق شاھ، روھڙي ايس ايڇ او زياد نوناري، پٽڻي ايس ايڇ او ثناءَ الله کونهارو، ايل پي سي اجمل ڪٽپر، سکر سي آءِ اي انچارج اياز کيڙو ۽ ٻيا شامل آهن، رضا زنگيجو جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ روھڙي تعلقي اسپتال جو ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر محمد وسيم به شامل آهن ، جڏهن ته ڊاڪٽر تي الزام آهي ته هن پوليس جي چوڻ تي پوسٽ مارٽم رپورٽ غلط ٺاهي آهي ، درخواست ۾ پوليس پاران پٽڻي ٿاڻي ۾ مبينا مقابلي جي داخل ايف آئي آر ڪرائم نمبر 141 کي به چيلنج ڪيو ويو آهي، زينب زنگيجو جي وڪيل جو چوڻ آهي ته روهڙي جي عدالت داخل درخواست ايڊمٽ ڪندي سکر سيشن ڪورٽ منتقل ڪري ڇڏي آهي جنهن جي ٻڌڻي 30 ڊسمبر تي ٿيندي.