سربيا ۾ هزارين شهري حڪومت خلاف روڊن تي نڪري آيا، نعريبازي

بلغراد ( م ڊ ) سربيا ۾ گذريل مهيني ٽرين اسٽيشن جي ڇت ڪرڻ سبب فوتگين تي هزارين شهري حڪومت خلاف روڊن تي نڪري آيا.پرڏيهي ميڊيا موجب گذريل  ڏينهن سربيا جي راڄڌاڻي بلغراد ۾ هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا ۽ نومبر ۾ ريلوي اسٽيشن جي ڇت جي هڪ حصي جي ڪري فوت ٿيڻ تي صدر اليگزينڊر ووچي ۽ سندس حڪمران سربين پروگريسيو پارٽي خلاف احتجاج ڪيو. رپورٽ موجب سربيا جي شهر نووي سڊ ۾ ريلوي اسٽيشن جي ڇت جي مرمت ۽ بهتري ڪئي وئي هئي پر پهرين نومبر تي مرمت ٿيل ڇت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 15 ڄڻا فوت ٿي ويا.واقعي کانپوءِ اپوزيشن حڪومتي وزير ۽ ٻين آفيسرن کي حادثي جو ذميوار قرار ڏيندي هڪ وزير کي به گرفتار ڪيو ويو پر بعد ۾ آزاد ڪيو ويو.  پرڏيهي ميڊيا موجب احتجاج جو سڏ يونيورسٽي شاگردن ۽ فارمرز يونين طرفان ڏنو ويو هو ۽ گذريل ڪجهه سالن ۾ سربيا ۾ اهو سڀ کان وڏو احتجاج هو.

  1. پنجاب جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ صحت جون سهولتون وڌيڪ آهن: سليم حيدر

اٽڪ ( م ڊ ) پنجاب جي گورنر سليم حيدر خان پنجاب حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته خدا شاهد آهي ته پنجاب ۾ اهڙي ڪا به اسپتال ناهي جتي غريبن جو  علاج ٿئي. جڏهن ته سنڌ جي سمورن اسپتالن ۾ اڪثر غريب مريضن جو مفت علاج ڪيو ويندو آهي. اٽڪ ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي گورنر پنجاب سردار سليم حيدر خان چيو ته ترقياتي منصوبا رڳو لاهور نه پر سڄي پنجاب ۾ ٿيڻ گهرجن. اٽڪ، چڪوال، جهلم، راجن پور ۽ ڊي جي خان به پنجاب جا آهن. هن چيو ته عوام هر شيءِ تي ٽيڪس ادا ڪري رهيو آهي، ان باوجود پنجاب جي حڪمرانن جون عوام کي رليف ڏيڻ جون دعوائون ڪوڙيون آهن. گورنر پنجاب چيو ته ڪنهن به حڪومت جو سڀ کان وڏو فرض آهي ته هو مفت صحت ۽ تعليم جون سهولتون فراهم ڪن، رڳو لاهور کي پنجاب نٿو چئي سگهجي، اٽڪ، چڪوال ۽ ٻيا ضلعا به پنجاب جو حصو آهن، باقي ضلعن کي به اهميت ڏيڻي پوندي ، هن چيو ته جيڪڏهن هو خاموش رهن ته پنجاب ۾ اپوزيشن ناهي، عوامي نمائندن کان پڇيو وڃي ته اسپتالن ۾ ڊاڪٽر ڇو نه آهن.

  1. پاڪستان مالي سال ۾رڪارڊ پرڏيهي فنڊنگ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) پاڪستان کي هلندڙ مالي سال جي پهرين 5 مهينن ۾ 2 ارب 66 ڪروڙ 70 لک ڊالرن جي پرڏيهي فنڊنگ ملي.رپورٽ موجب اقتصادي معاملن واري وزارت هلندڙ مالي سال 2024  جي پهرين 5 مهينن يعني جولاءِ کان نومبر دوران پرڏيهي فنڊنگ جي حوالي سان رپورٽ جاري ڪئي آهي.رپورٽ ۾ چيو ويو ته عالمي مالياتي فنڊ جي 1 ارب 20 ڪروڙ ڊالرن جي اضافي سان فنانسنگ جو مجموعي حجم 3 ارب 68 ڪروڙ ڊالرن کان وڌي ويندو.رپورٽ موجب نومبر دوران ملڪ ۾ 944.2 ملين ڊالر جي پرڏيهي فنانسنگ ڪئي وئي، جولاءِ کان نومبر تائين 2.57 ارب ڊالرن جا پرڏيهي قرض ورتا ويا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مالي سال جي 5 مهينن ۾ 9 ڪروڙ 44 لک ڊالرز جي گرانٽ حاصل ڪئي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.