پوليو جا ڦڙا ڪمزور ٻارن لاءِ اثرائتو ثابت نٿا ٿين: عذرا پيچوهو

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو انڪشاف ڪيو آهي ته پوليو جا ڦڙا غذائي کوٽ ۽ دستن جي مرض  ۾ مبتلا ڪمزور ٻارن لاءِ اثرائتو ثابت نه ٿي رهيا آهن، ان چئلينج کي نظر ۾ رکندي انهن ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ته جيئن وائرس جي خاتمي لاءِ قدمن کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي.اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، جنهن ۾ سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ پڻ موجود هو. ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو ته صحت کاتي جي سالياني ڪارڪردگي کي سال جي آخر ۾ عوام آڏو پيش ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن آگاهي حاصل ڪري سگهجي.هن چيو ته سنڌ ۾ ڪجهه اهڙا ڪم ڪيا ويا آهن جيڪي پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ نه ٿي رهيا آهن، جيئن نون ڄاول ٻارن جي موت جي شرح کي گهٽائڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن، هن چيو ته سنڌ ۾ ڪمزور ۽ وقت کان اڳ ٻارن جي موت جو واقعا وڌي رهيا آهن ، ان ڪري پيڊياٽرڪ ۽ نيونيٽل آءِ سي يو شروع ڪيا ويا آهن.  هن چيو ته ڪورنگي نمبر 5 ۾ ٻارن جي علاج لاءِ آءِ سي يو شروع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سرجري جي سهولت لاءِ واڌ ڪئي پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته جناح اسپتال جي گائناڪالوجي وارڊ ۾ جنرل آءِ سي يو قائم ڪيو ويو آهي ۽ اتي ايمبولينس سروس پڻ رکي وئي آهي. اعظم بستي اسپتال ۾ ٻارن جو آءِ سي يو پڻ شروع ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.