سکر/ڪنڌڪوٽ(رپورٽ:آزاد مهر/ عرفان علي کوسو ) ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني خلاف آل پارٽيز موومينٽ، ڪنڌڪوٽ شهري اتحاد جي اڳواڻن ۽ ڌاڙيلن وٽ يرغمال مغوين وارثن غلام مرتضي کوسو، بدرالدين گهنڃو، اياز لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نڪتل امن قافلو سکر پهتو، سکر پريس ڪلب ٻاهران ڌرڻو هڻي ويٺل مظاهرين سنڌ حڪومت ۽ پوليس خلاف شديد نعريبازي ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي مظاهرين جي اڳواڻي ڊاڪٽر ميهر چند، مکي ايشور لال، دلمراد ڏاهاڻي، اي ڪي اوڳاهي، ظريت بجاراڻي، والي ڏنو سنڌي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ساڍا 12 لک آبادي واري ڪنڌڪوٽ ضلعي کي 50 ڌاڙيل يرغمالي بڻائي ويٺا آهن، حڪومت جي بي ڌياني ۽ پوليس جي غفلت ۽ لاپرواهي سبب ضلعي ۾ بدامني جي باهه ٻري رهي آهي، ضلعي ۾ رهندڙ ماڻهن جي جان ۽ مال جو ڪو به تحفظ ڪرڻ وارو نه آهي، عوام کي ڌاڙيلن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي، ساڃاهه وندن کي هڪ مهينو ٽي ڏينهن مسلسل جدوجهد ڪرڻ بعد امن امان جي بحالي جي خاطري ڪرائي وئي، ڪنڌڪوٽ شهر ۾ هر طرف ڏوهارين پنهنجا ڄار وڇائي هر شهري کان ڀتو طلب ڪري رهيا آهن، ضلعي اندر ڦرون، ڌاڙا، اغوا وارڌاتون ۽ قتل واقعا معمول بڻيل آهن، بدامني سبب واپاري ماڻهو ڪاروبار نه ٿا ڪري سگهن، جڏهن ته نه ٻارڙن کي تعليم ڏيارڻ وڏي جوکم جي ڳالهه بڻجي وئي آهي، حڪومت عوام جي حفاظت ماءُ وانگر ڪندي آهي پر اسان سمجهون ٿا هي حڪومت ڏائڻ وارو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، عوام کي تحفظ ڏيڻ بجاءِ حڪمران عياشيون ڪرڻ ۽ ڌاڙيلن کي سپورٽ ڪري رهيا آهن، اهڙن ڪرتوتن جي نتيجي ۾ بيگناهه شهرين کي روزانو گولين جو کاڄ بڻايو پيو وڃي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جو وڏو وزير ۽ آءِ جي سنڌ پوليس کي شايد ٻڌايو ويندو آهي ته ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ سڀ بهتر آهي پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي، سکر پهتل امن قافلي طرفان هاڻي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو، لاڙڪاڻو بعد ڪراچي ۽ اسلام آباد جو رخ ڪري ضلعي ۾ امن امان جي بحالي لاءِ ڌرڻا هنيا ويندا.