اسلام آباد (م ڊ) ايوان صدر طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب صدر آصف علي زرداري سان وزيراعظم شهباز شريف ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني، مخدوم احمد محمود، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، گهرو وزير محسن نقوي، گورنر خيبرپختونخوا فيصل ڪريم ڪنڊي، راجا پرويز اشرف ۽ نويد قمر به شريڪ ٿيو. ٻنهي اڳواڻن ملاقات ۾ پي ٽي آءِ سان ڳالهين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، پي ٽي آءِ طرفان شروعاتي طور پيش ڪيل عمران خان ۽ ٻين قيدين جي آزادي ۽ 9 مئي ۽ 26 نومبر جي واقعن جي جڊيشل انڪوائري جي مطالبن تي مشاورت ڪئي وئي. پڌرائي موجب وزيراعظم صدر جي صحت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو جڏهن ته ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي، معاشي ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات دوران صدر ۽ وزيراعظم ملڪي ترقي لاءِ گڏجي اڳتي وڌڻ جو عزم ورجايو، ٻنهي اڳواڻن پارليامينٽ ۾ قانونسازي جي معاملن تي به ڳالهيون ڪيون. شهباز شريف ۽ آصف علي زرداري قانوني معاملن تي سڀني سياسي اسٽيڪ هولڊرن جي مشاورت سان اڳتي وڌڻ جو فيصلو ڪيو. صدر وزيراعظم کي ملڪي ترقي ۽ استحڪام لاءِ سهڪار جي خاطري ڪرائي.