حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ صلح جو ڳالهيون ڪجهھ ڏينهن کان گردش ۾ آهن ڪڏهن اهي ڪاميابي طرف وڌن ٿيون ته ڪڏهن وري ناڪامي ٿئي ٿي اهو سڀ انڪري ٿي رهيو آهي جو ڳالهيون ڪندڙ ٻئي ڌريون ڪنهن ٽئين ڌر جي اشارن تي هلي رهيون آهن جنهن سبب اهي ڳالهيون ٿيندي ٿيندي رڪجي وڃن ٿيون.
وري ڪالهه اوچتو اها خبر اچي وئي آهي ته حڪومت ۽ پي ٽي آءِ گڏ ويهڻ لاءِ تيار ٿي ويون آهن ان حوالي سان اها به خبر هلي رهي هئي ته ن ليگ ۽ اتحادين جي ڪاميٽي قائم ٿي آهي،جيڪا ٻنهي ڌرين کي گڏائي ويهاريندي پر ڪالهه اسپيڪر وٽ اڄ ڳالهيون ٿيون هيون ان حوالي سان وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي تجويز تي پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ حڪومتي اتحاد ۾ شامل پارٽين جي ميمبرن تي ٻڌل ڳالهين واري ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي.جنهن جو اهم ميمبر اسپيڪر هوندو حڪومتي ۽ پي ٽي آءِ جي ڪاميٽين جو اڄ پهريون اجلاس طلب ڪري ورتو آهي ۽ وزير اعظم پي ٽي سان ڳالهين لاءِ حڪومتي مذاڪراتي ڪاميٽي به جوڙي آهي، ڪاميٽي ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، رانا ثناءُ الله، سينٽر عرفان صديقي، راجا پرويز اشرف، نويد قمر، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، عليم خان ۽ چوڌري سالڪ حسين شامل آهن.ان جي تصديق وزير اعظم هائوس جي ترجمان ڪئي آهي جنهن جي مطابق گذريل رات تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئرسٽر گوهر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي درخواست ڪئي هئي ته هو ڳالهين لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.
وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي تجويز تي حڪومتي اتحاد جي ڳالهين واري ڪاميٽي جوڙي آهي. وزيراعظم شهباز شريف اهو چيو آهي ته اميد ڪجي ٿي ته قومي سلامتي ۽ قومي مفاد کي اوليت ڏني ويندي، پاڪستان آهي ته اسان سڀ آهيون، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي ڪوششن کي ساراهيان ٿو. جڏهن ته اڳوڻي وزير اعظم عمران خان اڳ ۾ ئي ڳالهين لاءِ تحريڪ انصاف جي 7 رڪني ڪاميٽي جوڙي هئي. پي ٽي آءِ ڪاميٽي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب، خيبرپختونخوا جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور، اسد قيصر، سلمان اڪرم راجا ۽ حامد رضا شامل آهن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق اپوزيشن سان ڳالهين لاءِ ڪاميٽي جوڙڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪرڻ جي حوالي سان وزير اعظم جو اهو قدم سٺو عمل آهي، حڪومت ۽ مخالف ڌر کي نيڪ نيتي سان ڳالهين جي دعوت ڏني آهي. اسپيڪر جي آفيس جا دروازا هر وقت ميمبرن لاءِ کليل آهن، ڳالهين ذريعي ئي اڳتي وڌي سگهجي ٿو.
حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ ڳالهين لاءِ ٻنهي ڪاميٽي جو اڄ اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، اڄ ساڍي يارهين وڳي اسپيڪر جي چيمبر ۾ ڳالهيون ٿينديون، مان ٻنهي ڪاميٽين جي ميمبرن سان پارليامينٽ هائوس ۾ پنهنجي چيمبر ۾ ملاقات ڪندس. تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي اسپيڪر طرفان ملاقات جي دعوت قبولي ورتي، پي ٽي آءِ جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات شيخ وقاص اڪرم تصديق ڪئي ته اسان اياز صادق جي ملاقات جي دعوت قبول ڪئي آهي..
ڳالهيون جامع ۽ نتيجا ڏيندڙ ٿيڻ گهرجن، ٻنهي ڪاميٽين ۾ سنجيده ماڻهو آهن ڳالهيون ضرور اڳتي وڌنديون.پر ڳالهه هتي اها اٽڪي بيهي ٿي ته ڇا ٻئي ڌريون واقعي سنجيده آهن ڳالهين جا در ته کُليا آهن پر اهي رڳو ڳالهيون ٻڌي جڏهن پنهنجون پنهنجون سفارشون وڏن تائين پهچائين ٿا ته اها خبر اچي ٿي وڃي ته ڳالههيون ناڪام ٿي ويون آهي ان ئي حوالي سان ٻڌڻ ۾ اهو اچي رهيو آهي ته آمريڪا جي دٻاءُ بعد ئي حڪومت گوڏا کوڙيا آهن ڇو ته جنوري ۾ آمريڪا جي نئين صدر جو حلف آهي ان ۾ عمران خان کي مدو ڪيو ويو آهي ان جيڪري ئي هنن جي مجبوري ٿي پئي آهي ته عمران مان هٿ ڪڍن نه ته اڳتي هلي اڃا به هنن لاءِ ڏکيائيون پيدا ٿينديون.انهن ڳالهين جي ميز تي گڏ ٿيڻ لاءِ پي ٽي آءِ بانيءَ ڪي پي حڪومت جي ترجمان بئرسٽر سيف کي اپوزيشن جماعتن کي متحد ڪرڻ جو اهم ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي،حڪومت جي غير جمهوري قدمن خلاف اپوزيشن کي متحد ڪيو ويندو، پ ٽي آءِ باني جي هدايتن تي بئرسٽر سيف اپوزيشن جماعتن جي ڪيترن ئي اهم اڳواڻن سان ٽيليفونڪ رابطا ڪيا آهن اها خبر به ان وقت ظاهر ٿي آهي جڏهن حڪومت ۽ اپوزيشن جو ڳالهيون ٿيڻ وڃي رهيون هيون اهي به سي ايم هائوس ڪي پي ۾ اپوزيشن جماعتن جو اهم اجلاس هن هفتي ٿي سگهي ٿو، پر هن سموري صورتحال جو جائزو وٺون ٿا ته اسان کي اهي ڳالهيون وقت وڃائڻ ئي نظر اچن ٿيون ڇو ته هڪ پاسي عمران خان آهي ته ٻئي طرف حڪومتي ڌر اها جيڪا ڪنهن ٻئي جي ڪنٽرول ۾ آهي ان ڪري هاڻي وقت وڃائڻ کان بهتر آهي ته عمران خان جون ڳالهيون سڌي ريت طاقتور ڌرين سان ڪرايون وڃن جنهن سان ڪجهھ نتيجا به نڪرندا باقي رهي ڳالهه سول نافرماني جي اها ممڪن ناهي ڇو ته جيڪا پي ٽي آءِ پنهنجو سياسي قد ٺاهيو هو اهو هنن ڳالهين سان ٿورو گهٽجي ويو آهن انهن جي سياسي پاور ۾ ڪمزوريون ٿيو آهي.