2005ع ۾ منھنجي ڊراما سيريز ”اڇي رات ڪارو چنڊ“ جي ھڪ ڊرامي ”سراب“ جي رڪارڊنگ پئي ٿي. جنھن جي ڪھاڻي ۾ ڪتي جو ڪردار پڻ شامل ھيو.
ڊرامي جي ڊائريڪٽرن عبدالستار کھاوڙ ۽ نظير کھاوڙ ڪنھن گهِٽيءَ مان رولو پر تندرست ڪتي کي ھٿ ڪري ٻه ڏينھن ھڪ ڪمري ۾ ان کي خوب کارائي پيئاري پاڻ سان ھيرائي ڇڏيو. ٽئين ڏينھن تي شيڊيول موجب جڏهن ان ئِي ڪمري ۾ ڪتي جو سين رڪارڊ ڪرڻ لاءِ ڪئميرائون کڻي اندر داخل ٿيا ته ڪتو ايڏا ماڻهو ڏسي ٽھي اک ڇنڀ ۾ انهن جي ڄنگهن وچان نڪري ٻاهر ڀڄي ويو.
سڀ مٿي تي ھٿ رکي افسوس ۾ ٻاھر نڪري آيا ۽ اُھا رڪارڊنگ ٻيھر ڪو ڪتو ھٿ ڪري ڪرڻ جو رٿي اُتان وڃڻ وارا ٿيا ته ساڳيو ڪتو ٻاھران اندر اچي سِڌو ڪمري ۾ ھليو ويو. ”واھ واھ“ ٿي وئي. بنا دير جي ڪئميرائون کڻي ڪمري ۾ وري داخل ٿيا. ڪتي پنھنجو رول ادا ڪيو ۽ سين سٺي نموني رڪارڊ ٿي وئي. روانا ٿيڻ وارا ھئاسين، ته ڪنھن چيو،”ڪتو واقعي به اداڪار ھو، تڏهن ته موٽي اچي پنھنجو رول پاڻ پلي ڪيائين“ !