افغانستان ۾ سعودي سفارتخاني جون سرگرميون ٻيھر شروع

سعودي عرب افغانستان جي راڄڌاني ڪابل ۾ پنهنجو سفارتي مشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.سعودي سفارتخاني جو چوڻ آهي ته مشن جي بحالي جو مقصد افغانين کي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي.هڪ بيان ۾، سفارتي مشن چيو ته اهو قدم سعودي عرب جي ڀائپي وارن لاڳاپن ۽ ٻه طرفي سھڪار جي عزم کي ظاهر ڪري ٿو جيڪو ٻنهي قومن جي وچ ۾ وڌي ويجھي رھيو آھي.

آگسٽ 2021 ۾ افغان جمهوري حڪومت جي خاتمي کان پوءِ ۽ افغانستان تي طالبان جي قبضي بعدسعودي عرب سميت ڪيترن ئي پرڏيهي سفارتخانن ڪابل ۾ پنهنجون سرگرميون معطل ڪري ڇڏيون ھيون ۽ ملڪ ۾ رسمي نمائندگي ختم ٿي وئي ھئي.سعودي عرب جي سفارتخاني جو عملو به سيڪيورٽي خدشن سبب 5 فيبروري 2023 تي ڪابل ڇڏي ويو. ھو جيڪو ھاڻي وري موٽي رھيو آھي ۽ سفارتي عمل شروع ڪيو ويو آھي. هن مهيني جي شروعات ۾، روس افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت کي تسليم ڪرڻ جي طرف هڪ قدم کنيو ھو، جڏهن ان جي پارليامينٽ هڪ قانون منظور ڪيو ھو.جنھن موجب  ماسڪو پاران پابندي مڙهيل تنظيمن جي لسٽ مان طالبان کي ٻاھرڪڍيو ويو ھو.جنھن بعد سعودي عرب پڻ اڻسڌي ريت طالبان حڪومت کي تسليم ڪري ورتو آھي.

جڏهن ته هن وقت تائين ڪنهن به ملڪ طالبان جي حڪومت کي تسليم نه ڪيو آهي.اها اڳڀرائي  افغانستان بابت ٻئين دوحه گڏجاڻي کانپوءِ ٿي آهي، جتي طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد اعلان ڪيو ھو ته سعودي عرب ڪابل ۾ پنهنجو سفارتخانو ٻيهر کولڻ جو ارادو رکي ٿو.ان کان اڳ طالبان جي پرڏيهي وزير عامر خان متقي سعودي سفير سان ملاقات ڪئي ۽ سعودي عرب سان افغانستان جي گڏيل ثقافتي، تاريخي ۽ مذهبي لاڳاپن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن رياض سان ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو.جواب ۾ سعودي سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط تاريخي لاڳاپن کي جو ذڪر ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ انساني مدد ۽ سھڪارجاري رکڻ جو عزم ورجايو.

خطي جي تاريخ تي نظر رکندڙ نقاد اھو ڄاڻن ٿا تھ نائين اليون بعد آمريڪا القاعدا تي اھو الزام مڙھيو ھو ۽ ان جي اڳواڻ اسامھ بن لادن کي سوگھو ڪرڻ جي لاءِ افغانستان تي ڪاھ  ڪئي ھئي. اھو بھ ياد رھي تھ اسامھ بن لادن اصل ۾ سعودي عرب جو شھري ھو.جيڪو پھرين روس خلاف جھاد کي منظم ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو ھو.بعد ۾ ھن آمريڪا خلاف جھاد جو اعلان ڪيو ھو.وقت ۽ حالتن ڦرڻ بعد آمريڪا توڙي روس پاران دنيا کي محفوظ بڻائڻ واري راڳ آلاپڻ دوران ڪيترن ئي ويڙھاڪ گروپن کي پھرين دھشتگرد قرار ڏنو ويندو آھي ۽ بعد ۾ انھن سان ٺاھ ڪري پنھنجن مفادن کي محفوظ ڪيو ويندو آھي.ھڪ ڀيرو ٻيھر جڏھن سعودي عرب پاڻ کي لبرل ڪرڻ جي دعويٰ ڪري رھيو آھي تڏھن وري پنھنجي مفادن ۽ خطي جي سياسي بيھڪ کي ڏسندي افغانستان جي طالبان حڪومت سان پنھنجا لاڳاپا قائم ڪري رھيو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.