ڌرتي تي ڪيترائي پهاڙ موجود آهن جيڪي برف جا ٺهيل آهي، صدين کان وٺي برف ڳرڻ جي ڪري پاڻي ذخيرو ڪيو ويندو آهي ۽ ڪيترائي برف جا پهاڙ توڙي جبل يا سمنڊ ۾ موجود ٽڪريون ڳري ختم ٿي ويون آهن يا وري ڳرڻ جي ڪري ننڍيون ٿينديون پيون وڃن، پر مائونٽ ايورسٽ ان جي ابتڙ برف ڳرڻ جي باوجود هر سال اڳ کان مٿي ٿيندو پيو وڃي، جنهن جو سبب ماهرن ڳولي لڌو آهي.
مائونٽ ايورسٽ جبل جو وڏو يا اوچو ٿيڻ جو بنيادي سبب زمين جي ڪرسٽ ۾ ٿيندڙ مختلف سرگرميون آهن. مائونٽ ايورسٽ هماليا جو حصو آهي.جيڪو ڀارتي ۽ يوروشين ٽيڪٽونڪ پليٽن جي ٽڪراءَ سان ٺهيو هو. جن جي لڳاتار ٽڪراءُ جي ڪري وقت سان گڏوگڏ جبل جي اوچائي ۾ واڌ ٿيندي پئي وڃي. جيئن پليٽون هڪٻئي کي ڌڪينديون رهن ٿيون، اهي اهم زميني دٻاءُ پيدا ڪن ٿيون جيڪو دٻاءُ وري جبل جي بلنديءَ جو سبب بڻجي ٿو، جنهن جي ڪري ايورسٽ جي اوچائي وڌي ٿي.
هن علائقي ۾ ٿيندڙ زلزلا پڻ جبل جي اوچائي تي اثرانداز ٿي ٿا. مثال طور، 2015ع ۾ نيپال ۾ ايندڙ زلزلي زمين جي ساخت کي تبديل ڪيو ۽ مائونٽ ايورسٽ جي اوچائي تي به ٿورو اثر وڌو. جيتوڻيڪ ڪٽاءُ جبل جي مٿاڇري کي گهٽائيندو آهي پر ٽيڪٽونڪ قوتن جي پيدا ڪيل واڌ عام طور تي هن ڪٽاءُ کان وڌيڪ هوندي آهي، جنهن سبب مجموعي طور تي اوچائي ۾ اضافو ٿئي ٿو. انهن سڀني عنصرن جي ڪري، ماؤنٽ ايورسٽ جي اوچائي هر سال وڌي رهي آهي، جنهن جي سالياني ماپ چند ملي ميٽر جي اوسط واڌ کي ظاهر ڪري ٿي.