صحت لاءِ هونئن ته سڄي جسم جي صفائي ضروري آهي پر وات ۽ ڏندن جي صفائي سان پيٽ جي ڪيترين ئي بيمارين کان حفاظت ملي ٿي ۽ وات ۾ ڌپ کان به بچي سگهجي ٿو. سڄي دنيا ۾ اربين ماڻهو ڏند صاف ڪرڻ لاءِ ٽوٿ برش جو استعمال ڪندا آهن. پر ڇا توهان ڪڏهن غور ڪيو آهي ته گهڻي قدر ڏندن واري برشن ۾ اڇي رنگ سان گڏ بلو رنگ جون تندون پڻ موجود هونديون آهن، آخر انهن جو مقصد ڇا هوندو آهي؟
گهڻا ماڻهو ته ان رنگ واري تندن کي رڳو برش جي ڊيزائن جو حصو سمجھندا آهن،پر اهي بلو تندون اصل ۾ برش جي ڊيزائن جو فيچر ناهن، پر انهن جو اصل مقصد ڪو ٻيو آهي.
حقيقت ۾ اهي بلو ريشا يا تندون ڏندن وارو برش مٽائڻ جي تاريخ ٻڌائينديون آهن. جي ها توهان بلڪل صحيح پڙهيون، انهن جي مدد سان برش مٽائڻ جو وقت خبر پوندي آهي.
جڏهن نيري تندن جو رنگ هلڪو ٿيڻ لڳي ٿو، ته ان مان اهو اشارو ملي ٿو ته هاڻي ٽوٿ برش ڏند صاف ڪرڻ اهو ناهي رهيو جيڪو شروعات ۾ هيو، مطلب ته انهن تندن جو رنگ هلڪو ٿيڻ تي توهان کي برش مٽائڻ گهرجي.
اهو ئي سبب آهي ته تقريبن هر ڏندن واري برش ۾ اهي نيريون تندون موجود هونديون آهن، جن جي مدد سان برشن کي وقت سر مٽائي سگهجي. ائين کڻي چئجي ته اهي تندون برش جي ايڪسپائري تاريخ جي نشاندهي ڪنديون آهن.
گهڻي قدر برشن ۾ انهن تندن جون رنگ نيرو ئي هوندو آهي پر جيڪڏهن اڇي رنگ جي تندن سان نيرن جي جاءِ تي ڪنهن ٻئي رنگ جون تندون موجود هجن تڏهن به انهن جو ساڳيو ئي مقصد هوندو آهي.
انڪري جيڪڏهن توهان جي برش جون نيريون تندون رنگ مٽائي وڃن ته توهان کي فوري طور تي پنهنجو برش مٽائڻ گهرجي.