راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اينٽي نارڪوٽڪس فورس ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪارروائيون ڪندي 25 ڪروڙ کان وڌيڪ ماليت جي 308.3 ڪلو گرام منشيات برآمد ڪري ورتي.
اي اين ايف ترجمان موجب منشيات سمگلنگ خلاف تعليمي ادارن ۽ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪريڪ ڊائون جاري آهي، ڪراچي ۾ هڪ ڪارروائي دوران ڪوريئر آفيس ۾ ٻن پارسلز مان مجموعي طور تي 30.2 ڪلو آئس برآمد ڪئي وئي، اهي پارسلز آسٽريليا لاءِ بڪ ڪرايا ويا هئا.
هڪ ٻي ڪارروائي دوران ڪراچي جي علائقي مشرف ڪالوني ۾ ٻن موٽر سائيڪل سوارن وٽان ڊرم ۾ لڪايل 40.8 ڪلو چرس تحويل ۾ ورتو ويو، جڏهن ته ڪوئيٽا ۾ مستونگ جي مختلف علائقن مان 159 ڪلو مارفين ۽ 53 ڪلو هيروئن، جڏهن ته سبي روڊ ڪوئيٽا ويجهو جوابدار وٽان 4 ڪلو آئس برآمد ڪئي وئي.
اسلام آباد ۾ هڪ يونيورسٽي جي ويجهو ٻن جوابدارن وٽان 200 گرام چرس قبضي ۾ ورتو ويو ۽ گرفتار جوابدارن اعتراف ڪيو ته هنن تعليمي ادارن جي شاگردن کي منشيات وڪرو ڪئي.
اسلام آباد ۾ ايم ون موٽر وي تي ٻن ڪارروائين دوران 3 جوابدارن وٽان 9 ڪلو هيروئن، هڪ ڪلو آفيم، 1.6 ڪلو آئِس ۽ 1.2 ڪلو چرس برآمد ڪيو ويو، جڏهن ته ڪاڪ پل اسلام آباد جي ويجهو هڪ عورت جي قبضي مان 4.2 ڪلو چرس ۽ 500 گرام هيروئن برآمد ڪئي وئي.
ملتان ايئرپورٽ تي رياض ويندڙ مسافر وٽان 1.2 ڪلو آئِس ۽ ڊيرا غازي خان ۾ سخي سرور روڊ ڀرسان جوابدار وٽان 2.4 ڪلو چرس برآمد ڪيو ويو.
گرفتار جوابدارن خلاف منشيات روڪ ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.