راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اينٽي نارڪوٽڪس فورس ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪارروائيون ڪندي 25 ڪروڙ کان وڌيڪ ماليت جي 308.3 ڪلو گرام منشيات برآمد ڪري ورتي.
اي اين ايف ترجمان موجب منشيات سمگلنگ خلاف تعليمي ادارن ۽ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪريڪ ڊائون جاري آهي، ڪراچي ۾ هڪ ڪارروائي دوران ڪوريئر آفيس ۾ ٻن پارسلز مان مجموعي طور تي 30.2 ڪلو آئس برآمد ڪئي وئي، اهي پارسلز آسٽريليا لاءِ بڪ ڪرايا ويا هئا.
هڪ ٻي ڪارروائي دوران ڪراچي جي علائقي مشرف ڪالوني ۾ ٻن موٽر سائيڪل سوارن وٽان ڊرم ۾ لڪايل 40.8 ڪلو چرس تحويل ۾ ورتو ويو، جڏهن ته ڪوئيٽا ۾ مستونگ جي مختلف علائقن مان 159 ڪلو مارفين ۽ 53 ڪلو هيروئن، جڏهن ته سبي روڊ ڪوئيٽا ويجهو جوابدار وٽان 4 ڪلو آئس برآمد ڪئي وئي.
اسلام آباد ۾ هڪ يونيورسٽي جي ويجهو ٻن جوابدارن وٽان 200 گرام چرس قبضي ۾ ورتو ويو ۽ گرفتار جوابدارن اعتراف ڪيو ته هنن تعليمي ادارن جي شاگردن کي منشيات وڪرو ڪئي.
اسلام آباد ۾ ايم ون موٽر وي تي ٻن ڪارروائين دوران 3 جوابدارن وٽان 9 ڪلو هيروئن، هڪ ڪلو آفيم، 1.6 ڪلو آئِس ۽ 1.2 ڪلو چرس برآمد ڪيو ويو، جڏهن ته ڪاڪ پل اسلام آباد جي ويجهو هڪ عورت جي قبضي مان 4.2 ڪلو چرس ۽ 500 گرام هيروئن برآمد ڪئي وئي.
ملتان ايئرپورٽ تي رياض ويندڙ مسافر وٽان 1.2 ڪلو آئِس ۽ ڊيرا غازي خان ۾ سخي سرور روڊ ڀرسان جوابدار وٽان 2.4 ڪلو چرس برآمد ڪيو ويو.
گرفتار جوابدارن خلاف منشيات روڪ ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
You might also like