سکر ۾ ايس يو پي پاران ڪئنال ڪڍڻ خلاف بک هڙتال

سکر(رپورٽ:آزاد مهر)سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان سنڌو درياهه تي 6 نوان ڪئنال ٺاھڻ خلاف سکر پريس ڪلب اڳيان   24 ڪلاڪن جي بک هڙتال شروع ڪئي وئي، بک ھڙتال جي اڳواڻي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي سينئر نائب صدر روشن علي ٻرڙو ، مختيار ميمڻ، بشير احمد لنڊ ،اصغر قريشي حاتن خان شر ۽ عيدن جاگيراڻي ڪئي جنھن ۾ اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته سنڌو درياهه  تي ڪئنال ٺاھڻ  مطلب سنڌ کي سڪائڻ آھي. سنڌو درياهه اسان جي ريڊ لائين آھي.سنڌو درياهه  جي جدوجھد پنھنجي جياپي جي جدوجھد آھي .سنڌ سان  ماٽيلي ماءُ واري سلوڪ بند ڪيو وڃي،سنڌ ۾ اڳ ئي وارا بندي تي ھلي پئي مٿان وري ڪئنال ٺاھي سنڌ کي مڪمل ختم ڪرڻ جي سازش سمجھون ٿا. پيپلز پارٽي منافقت واري سياست ڪري پئي ھوڏانھن  صدر آصف زرداري منظوري ڏئي پئي ۽ سنڌ حڪومت سنڌي عوام کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ  وزيرن کان ميڊيا جي اڳيان ڪئنالن خلاف بيان جي حد تائين مخالفت ڪري پئي.اھو ڪٿان جو قانون آھي ته آباد زمينن کي غير آباد بڻائي ۽ غيرآباد زمين کي آباد بڻائي ڪجھه ڪمپنين کي فائدو ڏين پيا  سنڌو درياهه تي سنڌي ڪڏھن به قبضو قبول نه ڪندا اسين مطالبو ڪيون پيا ته غير قانوني ۽ غير آئيني فيصلي کي فلفور واپس ورتو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.