ڪئنالن بابت حڪمرانن جو ڪردار اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ برابر آهي: ڪاشف سعيد

ڪراچي/ حيدرآباد  (رپورٽر ) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته شھباز شريف سرڪار پاران مهانگائي ۾  گهٽتائي توڙي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ بهتري جي دعوائن باوجود کنڊ، گيهه، دالين ۽ ڀاڄين سميت عام واهپي وارين شين جي اگهن ۾ روزانو جي بنيادن تي اضافي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته بجلي، گيس ۽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ پڻ گهٽتائي بدران اضافو ٿيو آهي، حڪومت مهانگائي تي ضابطو آڻي عوام کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.  سنڌ حڪومت ڪئنالن واري معاملي تي احتجاجن وفاقي حڪومت کان عليحدگي اختيار ڪري باقي بيان بازي فقط عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جي ڪوششن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي. فوجي عدالتن مان سولين شهرين کي ڏهه ڏهه سال قيد جون سزائون ڏيڻ جمهوريت جي دعويدار نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي منهن تي ڪارو داغ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ جماعت اسلامي سنڌ پاران لوئر سنڌ جي ضلعي اميرن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪاشف سعيد شيخ وڌيڪ چيو ته هڪ عام ماڻهو جي حڪومت کان اها گهر هوندي آهي ته اها مهانگائيءَ مان جان ڇڏائيندي، بيروزگاري ختم ڪندي ۽ زورمره جي زندگيءَ جي معاملن ۾ رليف ڏيندي، مهانگائي مهينن بدران ڏينهن جي حساب سان وڌي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.