ڪنڌڪوٽ واسي امن جا منتظر، ٽئين ڏينهن به ٽوڪن هڙتال، ريلي

ڪنڌ ڪوٽ (رپورٽ:  ممتازسنڌي )ڪنڌ ڪوٽ ضلعي ۾ ڪجھه عرصي کان وٺي امن امان جي صورت حال بگڙيل آهي جنهن جو پوليس ڪنٽرول نه ڪري سگھي آهي امن نه ھجڻ ڪري شھر سميت پوري ضلعي جي  عوام پريشان آهي ضلعي اندر ڀتاخوري، ڏوھاري راڄ، قبيلائي دھشتگردي ، غنڊاگردي، بدمعاشي ۽ لاقانونيت عروج تي پھچي  وئي آهي، جنهن کان تنگ ٿي آل پارٽي موومينٽ  ۽ شھري اتحاد پاران ڏنل سڏ تي شھرين امن جي بحالي، ڏوھاري راڄ جي خاتمي لاءِ  احتجاجي تحريڪ جو ٻيو مرحلو ٽي ڏينھن تي به ٽوڪن ھڙتال ڪري سخت سردي ۾ پريس ڪلب آڏو سوين شھري پھتا جتان امن ڏيو، امن زنده آباد جي نعرن سان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو،  مظاھرين شھر جو گشت ڪندي گھنٽا گھر پھتا جتي ميڊيا سان ڳالھيندي ۽ مظاھرين کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر ميھر چند، دلمراد ڏاھاڻي، غلام مصطفي ميراڻي ۽ ٻين چيو ته لڳي ٿو سرڪار ۽ پوليس سميت سيڪورٽي ڏيندڙ ادارا ستل نه پر گونگا ۽ ٻوڙھا ٿي ويا آهن ڪنڌڪوٽ جي ضلعي اندڙ مڪمل ڏوھارين جو راڄ آهي ھر طرف روز اغوا ڪاري ڦر جون وارداتون ٿين پيون پر پوليس تماشائي بڻيل آهي، پوليس جيڪي اسان سان واعدا ڪيا ھڪ تي به عمل نه ٿيو آهي اڳ کان به وڌيڪ ڀتاخوري وڌي آهي شھر جي ھر ھندو دوڪاندار کي ڀتي جو پرچيون ۽ فونون آيون آهن انھي ظلم تي اسيمبلي ۾ ڪير آواز اٿارڻ وارو به نه آهي، اسين امن لاءِ  نڪتا آيون امن وٺي رھنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.