لاهور (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف سان گهرو وزير محسن نقوي لاهور ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي امن امان جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي گهرو وزير وزيراعظم شهباز شريف کي ملڪ جي امن امان جي مجموعي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم ملڪ ۾ امن امان لاءِ ڪيل اپائن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران وزيراعظم ۽ گهرو وزير ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
-
ميان چنو ۾ نينگر بدفعلي بعد قتل، جوابدار گرفتار
ميان چنو ( م د ) ميان چنو ۾ 12 ورهين جي نينگر کي مبينا زيادتي بعد قتل ڪيو ويو. جوابدار ٻارڙي جو لاش گهر جي صحن ۾ دفن ڪري ڇڏيو، پوليس گرفتار جوابدار جي نشاندهي تي لاش هٿ ڪري ورتو. پوليس موجب 12 ورهين جو زاهد 3 ڏينهن اڳ پنهنجي ڀيڻ سان گڏ ملتان کان ميان چنو سئوٽ جي شادي ۾ آيو هو، جتي کيس ٻه ڏينهن اڳ اغوا ڪري زيادتي بعد قتل ڪيو ويو. پوليس ڪارروائي ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار جوابدار جي نشاندهي تي جوابدار جي گهر جي صحن ۾ دفن ٿيل لاش هٿ ڪيو ويو آهي.