ڪراچي ( رپورٽر) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته پاڪستان ۾ هن وقت 10 ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن.سخا ڪوٽ ۾ تقريب کي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته مهانگائي ۽ بيروزگاري جي دور ۾ زندگي گذارڻ مشڪل آهي. هن چيو ته مدرسن جي رجسٽريشن ۾ سمورين پارٽين کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. هن چيو ته نااهل ماڻهن کي ملڪ تي مڙهيو ويو آهي، جنهن سبب ملڪ مسئلن جو ڳڙهه بڻجي رهيو آهي.