ڪراچي (رپورٽر) مسلم ليگ ن سنڌ جي سينيئر نائب صدر رانا احسان ساٿين سميت پيپلزپارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي. پ پ ۾ شموليت جي موقعي تي سعيد غني سندس آجيان ڪئي ۽ چيو ته سياسي ڪارڪن پ پ ۾ شامل ٿيندا پيا وڃن. سعيد غني چيو ته ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگردن فوجي جوانن کي شهيد ڪيو، اسان شهيدن جي همت کي سلام پيش ڪريون ٿا، جوانن خلاف پروپيگنڊا ڪندڙن جي مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته جماعت اسلامي احتجاج ڪيو ۽ پورو ٽريفڪ نظام تباهه ڪيو، پرامن احتجاج ڪرڻ گهربو هو پر احتجاج سان شهرين کي تڪليف پهتي. سندس چوڻ هو ته مڃون ٿا ته ڪراچي ۾ پاڻي جو مسئلو آهي، ڪراچي کي پاڻي سپلاءِ ڪندڙ مين لائن ٽٽي وئي آهي، ان لائن جي مرمت ۾ وڌيڪ وقت لڳي ويو. جماعت اسلامي اڳواڻن کي درخواست آهي ته شهرين جي مسئلن تي ڳالهائين، شهرين لاءِ مسئلا پيدا ڪرڻ جو سبب نه بڻجن. سعيد غني واضح ڪيو ته ملڪ ۾ پاڻي ورڇ جو آئيني ۽ قانوني طريقيڪار موجود آهي، صوبن وچ ۾ پاڻي ورڇ ۾ صدر جو ڪو ڪردار ناهي، ملڪ ۾ پاڻي ورڇ لاءِ ارسا ۽ سي آءِ سي جو پليٽ فارم موجود آهي، زراعت متاثر ٿيڻ سان سنڌ نه سمورو ملڪ متاثر ٿيندو، جيڪي علائقا اڳ کان آباد آهن انهن کي غير آباد ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي وقار مهدي چيو ته پ پ جي ليڊرشپ ملڪ جي ترقي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي.