ڪئنالن جي منظوري جو اختيار صدر نه پر سي سي آءِ وٽ آهي: سردار شاهه

عمرڪوٽ (رپورٽ: غلام مصطفيٰ مھر ) عمرڪوٽ ۾ سماجي تنظيم ۽ عمرڪوٽ سٽيزن فورم طرفان عمرڪوٽ ثقافتي ميلو منعقد ڪيو ويو جنھن جو افتتاح ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ پاران ڪيو ويو جڏھن ته ثقافتي ميلي دوران رٿيل ثقافتي تقريب کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي مھمان خاص صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاھ چيو ته ڪئنال جي منظوري صدر نه ڏيندو آھي اھو اختيار سي سي آءِ  جو آھي،  ماڻھو نڪو ٿا پڙھن ۽ سمجھن اجايون ويٺا ڳالھيون ڪن سي سي آءِ ۾ وزير وڏا وزير ۽ وزيراعظم به موجود ھوندو آھي ۽ اتي گڏيل راءِ سان فيصلا ٿيندا آھن ھن چيو ته پھرين چيو ويو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جي صدر منظوري ڏئي ڇڏي آھي جيڪو غلط آھي ھن چيو ته ارسا ايڪٽ قومي اسيمبلي جو پاس ٿيل آھي ان ۾ ترميم صرف اسيمبلي ئي ڪري سگھي ٿي، سنڌ جي پاڻي اشو ۽ ڪئنالن واري مسئلي تي پ پ حڪومت سنڌ سان گڏ اڄ به بيٺل آھي ھن چيو ته ڪئنالن واري اشو تي اسان وٽ ٽي رستا آھن مخالف ۽ مزاحمت سا ٿئي پئي سنڌ حڪومت ايڪنڪ ۽ سي سي آء ۾ ان جي مخالفت ڀرپور ڪندي ھن چيو ته ايڪنڪ ۽ سي سي آءِ  ۾ اسانجو موقف نه مڃيو ويو ته اسان قانوني رستو اختيار ڪنداسين ۽ سنڌو تي ڪئنال اڏڻ نه ڏينداسين ، ھن چيو ته عمرڪوٽ ۾ ثقافتي ميلي ۾ مونکي سڀ مصروفيتون ڇڏي لازمي پُھچڻو ھو.هوڏانهن ثقافتي ميلي ۾ لطيفي راڳ پڻ ٿي جنھن ۾ پروفيسر بشارت علي، قائم علي، رحمت علي، رفاقت علي ۽ ٻين لطيفي راڳ ڳايو جڏھن ته فنڪارن استاد برڪت فقير، غلام رسول جافراڻي، ڍولڪ نواز رزاق فقير ۽ ٻين سنڌي ڪلام ۽ ڏورو ڳايو مرلي جي ڌن تي مور جوڳي ۽ سندس ٽيم طرفان سرن جي ورکا ڪئي ويئي ، ثقافتي ميلي تقريب ۾ سائينسي شين جا اسٽال لڳايا ويا جتي مختلف اسڪولن جي شاگردن طرفان اسٽال لڳايا ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.