سياست جي ميدان ۾ ھڪ اڳڀرائي اھا ٿي آھي تھ حڪومت ۽ اپوزيشن ڳالھين ڪرڻ ڏانھن وڌي رھيون آھن.جيڪو ھڪ بھتر عمل آھي.دير سان ئي سھي پر درست فيصلو ڪيو ويو آھي.جنھن کي سمورين سياسي ڌرين کي ساراھڻ ۽ ان جي آجيان ڪرڻ گھرجي.اوزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي تجويز تي حڪومتي اتحاد جي ميمبرن تي ٻڌل ڳالهين واري ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي.جنھن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، سياسي معاملن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله ۽ سينيٽر عرفان صديقي شامل آهن، جڏهن ته پ پ طرفان راجا پرويز اشرف ۽ نويد قمر به ڪميٽي جو حصو آهن.ان کان علاوه حڪومت جي اتحادي ايم ڪيو ايم پاڪستان جو چيئرمين خالد مقبول صديقي، استحڪام پاڪستان پارٽي طرفان عليم خان، مسلم ليگ (ق) طرفان چوڌري سالڪ ۽ بلوچستان عوامي پارٽي جو سردار خالد مگسي بھ ھن ڪميٽي ۾شامل آهن.ان حوالي سان وزيراعظم شهباز شريف چيو ته قومي سلامتي ۽ قومي مفاد کي اوليت ڏني ويندي. هن ڳالهين جي لاءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي ڪوششن کي به ساراهيو.
تازو ئي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق کي ڳالهين لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي.جنھن بعد قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وزيراعظم کي حڪومتي ڳالهين واري ٽيم ٺاهڻ جي درخواست ڪئي.اياز صادق جو چوڻ آھي تھ ملڪ ۾ جاري سياسي عدم استحڪام ختم ٿيڻ گهرجي، مسئلن جو حل ڳالهين ۾ ئي آهي، حڪومت مسئلا حل ڪرڻ چاهي ٿي، سياسي عدم استحڪام ختم ٿيڻ سان ئي اڳتي وڌي سگھجي ٿو.هن چيو ته بئريسٽر گوهر اسپيڪر جي ڪردار کي ايوان جي نگران جي حيثيت سان قبول ڪيو آهي، جڏهن ته بئريسٽر گوهر پاران مذاڪراتي ڪميٽي جوڙڻ جي تجويز کي قبول ڪيو آهي.
2 ڏينهن اڳ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ ڳالهين لاءِ پنهنجون خدمتون پيش ڪندي چيو هو ته اختلاف ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ضروري آهن ۽ ان لاءِ منهنجو دفتر هر وقت حاضر آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران خواجا آصف چيو ته شير افضل مروت (پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبر) جيڪو ڪجهه چيو آھي ان مان اھو محسوس ٿيو ته اسان جي هن جنگ ۾ ملڪ هارائي رهيو آهي، معاملا افهام و تفهيم سان حل ڪيا وڃن، سياستدانن کي ڌمڪيون ڏيڻ بدران سياسي ٻولي استعمال ڪجي ۽ ڳالهين سان مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.
بچاءَ واري وزير چيو ته مان ڳالهين جو ماهر ناهيان پر اسان جي پارٽي ۽ پيپلز پارٽي ۾ اهڙا ماڻهو آهن جن ۾ اھڙي صلاحيت آهي، مان سمجهان ٿو ته تبديلي اهڙي اچڻ گهرجي جنهن سان مثبت ماحول پيدا ٿئي.
وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سياسي استحڪام سميت حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ڳالهين کانسواءِ ڪو به حل ناهي. ھڪ ئي طريقو آھي تھ سياسي ماڻهو گڏ ٿين ۽ جمهوري طريقي سان مسئلا حل ڪن.ٻئي پاسي ميڊيا ۾ خبرون آھن تھ تحريڪ انصاف جي باني عمران خان خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي مخالف ڌر سان رابطي جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي ته جيئن ڳالهين جو عمل تيز ڪيو وڃي.عمران خان جي هدايت تي تحريڪ انصاف اپوزيشن سان رابطو ڪري ورتو آهي، جنهن کانپوءِ ايندڙ هفتي وزيراعليٰ هائوس ۾ اهم اجلاس جو امڪان آهي.ذريعن موجب تحريڪ انصاف، جماعت اسلامي، جي يو آءِ ۽ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) جي اڳواڻن کي ڳالهين واري عمل بابت اعتماد ۾ وٺندي.
ٻئي طرف پي ٽي آءِ جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري شيخ وقاص اڪرم چيو آهي ته اڄ ( سومر ڏينھن ) حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ ملاقات ٿيندي، جنهن ۾ حڪومت جي سنجيدگي جو جائزو ورتو ويندو.هن جو چوڻ ھو تھ ملاقات ۾ ڪجهه پنهنجون ڳالهيون ٻڌائينداسين ۽ ڪجهه ٻڌنداسين، عمران خان سان ملاقات جي سمورن نقطن تي ڳالهه ٻولهه ڪنداسين.ان بعد اجلاس سول نافرماني تحريڪ بابت فيصلو ڪيو ويندو، سول نافرماني تحريڪ بابت حتمي فيصلو باني چيئرمين ڪندو.ملڪ جي سياست جي وڌندڙ گرمي پد کي گهٽ ٿيندي ڏسڻ جي خواهش رکندڙن جي لاءِ اھا ھڪ اميد آھي.عام ماڻھو چاھي ٿو تھ ملڪ ۾ سياسي استحڪام ھجي، ڇاڪاڻ جو بي يقيني جو واري ڪيفيت جو گھڻو نقصان عام ماڻهون کي ئي ٿيندو رھيو آھي.ملڪ جي سياسي صورتحال ان انتھا تي پھچي وئي ھئي جو ھڪ ڌر کي ٻي تي اعتبار نھ رھيو ، ان ڪري ڌريون ھڪ ٻئي کي شڪ جي نگاھ سان ڏسنديون رھيون آھن،پر سياسي معاملن کي سياسي طريقي سان حل نھ ڪرڻ جي صورت ۾ ملڪي سياست جو اڳتي وڌڻ ممڪن نھ آھي.ملڪ جي سياسي ميدان ۾ڪن بنيادي ڳالھين تي اتفاق ٿيڻ تائين ملڪ ۾ سياسي استحڪام ويجھڙائي ۾ نظر نھ پيو اچي ان ڪري ٻنھي ڌرين ۽ خاص ڪري حڪومت جي ڌر کي وڌيڪ لچڪ ڏيکارڻ جي ضرورت آھي.ھن وقت صرف اھو اسڪور نھ ڪيو وڃي تھ ھو ڪمزور آھي ۽ اسين سگھارا آھيون. ھن وقت دنيا ھڪ نئين فيز ۾ داخل ٿي رھي آھي.عالمي،علائقائي سطح تي نوان نوان اتحد جڙي رھيا آھن.انڪري ملڪ جي مفادن کي نظر ۾ رکندي سياسي ڌريون گڏجي ڪري اڳتي وڌي سگھن ٿيون تھ اھو ھڪ بھترين عمل ھوندو.ان سان آيل سياسي استحڪام ٻين شعبن ۾ بھ استحڪام پئدا ڪرڻ جو سبب بڻجندو. تحريڪ انصاف مثبت رويي کي حڪومت کي پنهنجي ڪاميابي سمجھڻ گھرجي ۽ انھن جي شڪست سمجهڻ نھ گھرجي ۽ ان رويي کي ملڪ کي اڳتي وڌائڻ جو بهترين موقعو سمجهڻ کپي.تحريڪ انصاف کي اجايو حڪومت کي دٻاءُ ۾نه رکڻ گھرجي.عمل جي لاءِ ڪجھھ ٺوس ۽ اعتبار جوڳا قدم کڻڻا پوندا جنھن سان شڪ جي باقي ڪا گنجائش ٻنھي ڌرين وٽ ھڪ ٻئي جي لاءِ نھ رھي.
اسان سمجھون ٿا تھ ھن وقت جي عالمي توڙي مقامي صورتحال جي لاءِ ملڪ ۾ سياسي استحڪام جي اڳي کان گھڻي گھرج آھي.دير سان ئي سھي جڏھن سياسي ڌريون ھڪ سياسي طريقي سان اڳڀريون ٿي رھيون آھن تھ ان کي سٺو سونئڻ سمجھي ڪري ان جي آجيان ڪرڻ گھرجي. ڳالھين سان ئي دنيا مان جنگون ختم ٿيون ھيون ۽ ڳالھين سان ئي ھاريل جنگ کٽي سگھجي ٿي.سڌريل ۽ مھذب دنيا ۾ ائين ئي ٿيندو آھي.