نيروليءَ جو ڪُنُ ۽ سنڌي سماج

تحرير: سُورِھُ سنڌي، بنگلاديش

اسان کي جيڪو ٻڌايو ۽ سيکاريو ويو آهي ته ناول ۽ ڪهاڻي ۾ فرق اهو هوندو آهي ته ناول پنهنجي اندر هڪ کان وڌيڪ ڪهاڻي سمائي اڳتي هلندو آهي ۽ اهو گهڻن پاسن توڙي منظرن تي آڌاريل هوندو آهي جڏهن ته ڪهاڻي هڪ مخصوص ڪهاڻي کي اڳتي کڻي محدود ڪردارن سان محدود منظرنگاري ۾ اُڻجي ٿي. هن ناول جو دائرو پنهنجي پلاٽ جي حساب سان انتهائي وڏي پيماني تي ڦهليل هئڻ گهربو هو پر ڪهاڻيءَ کي صرف گهر ۽ اوطاق تائين محدود ڪري ڪهاڻي توڙي ڪردار جي اصل رُوح ۽ حُسُن کي ڇيهو رسايو ويو آهي. جڏهن ته ناول جو نائڪُ هڪ سياسي سماجي ۽ ادبي شخصيت آهي ڪميونسٽ پارٽي کان مختلف ڪميٽين، قومپرست سياست توڙي ڳوٺاڻي سياست ۾ سندس عمل دخل هجڻ جا غير واضح اشارا پڻ ڏنل آهن ته هڪ کان وڌيڪ ڀيرا جيل ياترا پڻ ڪئي اٿائين پر پوءَ به سموري ناول اندر سندس پوري ڪائنات سندس گهر اوطاق زال ۽ ساليءَ ئي رهيا آهن. ايتري تائين جو سموري ناول ۾ نائڪُ گهر جو ٻُنڀو لنگهي گهٽيءَ تائين به نه آيو آهي. هڪڙي انٽرويو کان سواءَ، جيڪو پڻ سندس اوطاق ۾ ئي ورتو ويو آهي، سندس ٻي ڪا به سياسي چرپر نه ته نظر اچي ٿي ۽ نه ئي وري ليکڪ ان بابت ٻڌائڻ جي ڪا گهرج محسوس ڪئي آهي! جڏهن ته سندس جيل وارو ذڪر پڻ مٿاڇرو ئي ٿيل آهي جنهن لاءَ معلوم نه ٿي سگهيو ته جيل ڇو ويو ڪيترو وقت ويو اتي ڇا ڪيائين ڪهڙن سياسي قيدين سان سلهاڙيو رهيو، جيل کان اڳ ۽ جيل کان پوءَ جي حياتي تي ڪهڙو فرق پيو. انهن امرن طرف ليکڪ جو قلم خاموش رهيو آهي. ناول جي ڪهاڻي هڪ اهڙي نوجوان جي چوڦير گُهمي ٿي جيڪو هڪ طرف ادبي ۽ سياسي طور متحرڪ رهيو آهي ته مايوسي يا خوف سندس سڌ ئي سُڪائي ڇڏيا آهن جو گهر ڪُوئو بڻجي ويهي رهيو آهي.

ٻين ڪردارن ۾ ڪريم جيڪو نائڪ جوسنڍُو ۽ سڪينا جو مڙس آهي، ڪيلاش جي وني، ڪيلاش جي ڌيءَ فهميده، پٽ پارس آهن جن مان به ڪنهن جو جوڳو تعارف نه آهي ڪرايو ويو. ڪيلاش، سڪينا، ڪريم ۽ ڪيلاش جي ونيءَ کان سواءِ باقي سڀ ڪردار غير متحرڪ، اُڌارا ورتل يا مهمان اداڪار طور آيل آهن جن جو ناول ۾ ڏيکاريل سماج ۾ ڪنهن نه قسم جو ڪو ضرور ئي نه هجي ڄڻ!

ڪيلاش جي ٻارن طور صرف ننڍڙي پارس ۽ نياڻي فهميده جو ذڪر ته ملي ٿو پر بار بار سڪينا پنهنجي ڀيڻ کي چوي ٿي ته هيترا ولر ٻارن جا …. ته ٻين ٻارن جو ذڪر ڇو ڪونه ڪيو ويو آهي؟ يا ڪيلاش جي زال پنهنجي چمنيءَ جي ڳالهھ ٿي ڪري ته دودل ۽ ٻين ٻارن گهورارُوءَ کي بتي (چمني) ڏيئي شيءَ شِگل ورتي (نيروليءَ جو ڪُنُ، صفحو72) ته اهو دودل ڪير هو؟ ان جو به پوري ناول ۾ ڪٿي ذڪر نٿو ملي. اوچتو ڪيلاش جي ڀيڻ جو ڪردار مڪالمي واري انداز ۾ ظاهر ٿئي ٿو ۽ وري گُم ان به ڪو جوڳو تعاف نه آهي ڏنل. مطلب ناول ۾ نائڪ ڪيلاش نائڪه سڪينا سميت ڪنهن به ڪردار کي نه ئي ته ليکڪ پنهنجي گرفت ۾ آڻي سگهيو آهي ۽ نه ئي وري انهن سان انصاف ڪري سندن اصل رُوح کي پڙهندڙن اڳيان رکڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.

مڪالمن جي ادئگي ڪنهن به ناول جي جان هجن ٿا. نيروليءَ جو ڪُنُ پڙهندي ڪٿي ڪٿي ته ليکڪ جي موجودگي بلڪل به نظر ڪونه ٿي اچي ۽ مڪالما به اهڙا جو هڪڙي ڪردار جي ڳالهھ ڪٿي ختم ٿي ۽ ڪٿان ٻئي ڪردار جي ڳالهھ شروع ٿي. ان ڳالهھ ٻولهھ دوران ڪردارن جي نفسيات سندن باڊي لينگويج، چهري جي تاثرن توڙي آس پاس جي ماحول کان ليکڪ بلڪل به اڻ ڄاڻ ۽ اُڃارو ئي رهي ٿو. اهڙي طرح واقعن توڙي ڪهاڻيءَ جي تسلسل جي کوٽ پڻ لياڪا پائيندي نظر ٿي اچي. تواريخي واقعن جي ذڪر ويل به ليکڪ گُسي پيو آهي. دادُو طالب الموليٰ اسڪول ۾ جواهر لال نهرو جي جلسي جي واقعي کي هيئن بيان ڪيو آهي؛ ”اسٽيشن تان نهروهڪ فسڪلاس انبلخ گهوڙي تي سوار ٿي شهر آيو اسان ڏٺوسي هن کي کانڌيءَ جو ڪُرتو کانڌيءَ جي پتلُون مجيب ٽائيپ گڊي ۽ ڇهن پيسن واري ٽوپڙي پاتل هئي…“.  هي ورهاڱي کان اڳ جو واقعو آهي ۽ تن ڏينهن ۾ شيخ مجيب صفا الهڙ جوان هو جيڪو سياسي آسمان تي ڪٿي به نظر ڪونه ٿي آيو. مجيب ڪوٽ يا مجيب ڊگيءَ جي مشهوري سٺ ۽ ستر ورا ڏهاڪي ۾ ٿي. ڀلي ان وقت نهرو کي بنا ٻانهن وارو ڪوٽ پاتل به هجي پر ان جي سُڃاڻپ مجيب ڊگيءَ طور ٿي نه ٿي سگهي. اهو ائين آهي جيئن ارڙهن سو سٺ جي دور ۾ ڪنهن کي ڪا ٽوپي پاتل هجي ۽ ان کي جناح ڪيپ طور لکجي. يا وري اڳتي هلي لکي ٿو ته، ” ڪلهھ جيئي سنڌ محاذ کان رسول بخش پليجو پنهنجي ڌار پارٽي ’سنڌي عوامي تحريڪ‘ جو بنياد وڌو، جيڪا به اڳتي هلي ’پاڪستان عوامي تحريڪ‘ بنجي وئي.“ جڏهن ته، رسُول بخش پليجو جيئي سنڌ محاذ ۾ نه رهيو هو، سندس سائين جي ايم سان ته ويجهڙائي هئي پر هو جيئي سنڌ محاذ ۾ ڪنهن به دور ۾ نه رهيو. رسُول بخش پليجي ۽ سائين جي ايم جي سياست ۾ هڪڙو واضح تضاد شروع کان ئي رهيو ته سائين جي ايم سنڌ جي وحدت اندر رهندڙ سمورن کي سنڌي سمجهندي سنڌ جو اصل دشمن پنجاب سامراج يا پنجابي پناهگير مستقل مفاد ٽولي کي ٿي سمجهيو ۽ سمجهيو ٿي ته اڙدو ڳالهائيندڙ آبادي نسلن کان سنڌ ۾ رهي ٿي جن جا مرڻا پرڻا سنڌ ۾ ئي آهن جيڪي هتي ڪمائي هتي ئي خرچ ڪن ٿا. پر پليجو صاحب پنجاب کي انهيءَ مامري مان الڳ ٿلڳ رکي سنڌي قوم کي پناهگير ۽ سنڌين ۾ ورهائي پناهگيرن کي سنڌ مان تڙڻ جي خيال وارو هو.

ناول جو نائڪ ڪيلاش جيئن ته پڙهيل ڳڙهيل، ادب سان سلهاڙيل هڪ سياسي ورڪر آهي، جنهن جي دل پنهنجي سماج توڙي قوم لاءِ  ٿي ڌڙڪي، کي هر اهو عمل ندا جوڳو ڀاسندو آهي جنهن سان قوم جي ڪلچر توڙي بهترين روايتن جو زيان ٿيندي نظر ايندو آهي. ڇوته قوم جا خادم قوم جي روايتن جا امين هجن ٿا. سو جنهن وقت سندس جماعت اندر کيس اهڙيون شاهديون ملن ٿيون جن سان قومي روايتن کي ڇيهو رسي ٿو ته هو انهن جو اظهار هيئن ڪري ٿو جيڪو ناول جو مثبت پاسو ته چئي سگهجي ٿو پر ڇا نائڪ پنهنجي زندگيءَ ۾ قومي روايتن جي لتاڙ جو ڪارڻ ته نه ٿو بڻجي؟! اهو سوال شايد ئي ليکڪ جي ذهن ۾ آيو هجي نه ته هن پراگراف کان پوءَ ناول جي پڇاڙي يا ڪلائيميڪس ايترو مڪرُوھ نه ٿئي ها.

اهڙي ادب جو ڪارج ڇا آهي سماج ۾ اهو ۽ اهڙا ڪيترا ئي سوال آهن جيڪي اڄوڪي لکارين جا ڌڙا ڌڙ ناول ڏسي اٿن ٿا. انهن طرف سنجيدگي اختيار نه ڪئي وئي ته سنڌي سماج ۾ جيڪا ڀڃ ڊاھ ٿيندي اها قوم کي لوڙهي ڇڏيندي!

ڪلائيميڪس تي ليکڪ تمام گهڻي مار کائي ويو آهي کيس سنڌي عورت جي نفسيات جو ڄڻ پتو ئي نه آهي! مون کي ڪا اهڙي ڳوٺاڻي عورت نه ٿي سُجهي جيڪا پنهنجو پاڻ سان هيڏو وڏو انياءَ ٿيندي ڏسي چادر مٿي تي رکي گهران نڪري هلي وڃي… جيڪي ۽ جهڙي مڪالمي بازي ٽنهي ڪردارن (ڪيلاش، سندس وني ۽ سالِي) ۾ ٿي آهي اتي وڏي ڀيڻ هئڻ جي ناتي ڪابه ڀيڻ ننڍي ڀيڻ کي چوٽيءَ کان وٺي ڀڻڪو ڀرائيندي، نه ڪي ويٺي دليل بازي ڪندي! جي مڙس سان پُڄي نه به سگهي ته به ڀيڻ تي ته اُلر ڪري پئي سگهي. زال ٻار کي کڻي اڌرات جو ٻُنڀو لتاڙي گهوڙا گهوڙا ڪندي هلي وڃي ۽ سنڌي ڳوٺاڻو مڙس جيڪو اڳ ۾ زال تي لٺ به هلائي چڪو آهي ماٺ ڪريو کيس ويندو ڏسندو رهي. اهو پڻ سنڌي مڙد جي نفسيات سان ٺهڪي نه ٿو اچي.هتي گهر ۾ رهندڙ ڪردار ’پوڙهو‘ جيڪو ڪيلاش جو پيءَ آهي اهو هن سڄي واردات ۾ ڪٿي به ظاهر نه آهي جيڪو پڻ کُٽڪي ٿو ته اهو ڪاڏي ويو يا ٻارن جو ولر ان هُل هنگامي ۾ ڪٿي هو؟ پر انهيءَ سموري وٺ وٺان واري ماحول ۾، جيڪو بلڪل به ڪِرڀ ڀريل آهي ڪيلاش لاءَ به ته سڪينا لاءِ به، هڪ طرف ڪيلاش جنهن جو ڳوٺ ۾ هڪڙو مان مرتبو آهي ان جي عزت تي حرف اچڻ وارو يا اچي رهيو هجي ته ٻئي طرف سندس ٻارن ٻچن وارو گهر اُجڙي رهيو هجي ته هوڏانهن سڪينا جنهن تي اڳ ۾ ئي سندس مڙس ڪيلاش سان ڪارنهن جو الزام لڳايون ويٺو هو سو کيس ههڙو ممڻ مچڻ تي ته ڪارِي ڪندو ئي ڪندو، انهيءَ ماحول ۾ ٻنهي جي جيڪا ذهني جسماني ۽ نفسياتي ڪيفيت هجڻ گهرجي ان ۾ سيڪس جي لست ته ڇا پر ان بابت سوچڻ کان به ڪِرِڀ اچڻ گهرجي پر هتي ليکڪ سموري ڪيفيتن توڙي نفسياتي جنگاڻ بجاءَِ ٻنهي ڪردارن کي راضي ڪري همبستري ڪرڻ جو مزو وٺڻ لاءِ همٿايو ۽ ڪمال ڪاريگريءَ سان سيڪسيوئل انٽرايڪشن کي خواھ مخواھ ناول جي ڪلائيميڪس ۾ ٽُنبي سموري ناول کان ڌڪ ڪڍي ڇڏيائين! ”عالمي ادب ۾ سنجيده ليکڪن جڏهن به سيڪس تي لکيو آهي ته انهن سيڪس کي مسئلو ڪري کنيو آهي. ان تي اوگهڙ (يا لست) جي خيال سان پيش ڪرڻ جي هنن ڪڏهن به ضرورت محسوس نه ڪئي آهي ۽ نه ئي وري ان کي اهميت ڏني آهي. پر اسان جي سنجيده ليکڪن خبر نه آهي ڇو سيڪس جي اگهاڙي پڻ (۽ لست) کي اهميت ڏني آهي. جڏهن ته ان جو ائين پيش ٿيڻ تخليق کي مانائتو بنائڻ بجاءِ ان جي وڏائپ کي ضربي ٿو. جي ماڻڪ ’لُڙهندڙ نسل‘ ۾ جنس جو اگهاڙو اظهار نه ڪري هاته، ڪيئين نه لڙهندڙ نسل اڃا به وڌيڪ سنجيده تخليق ٿي بيهي ها ۽ (ملڪ) آگاڻي ’نيروليءَ جو ڪُنُ‘ ۾ ٻوليءَ جي ڏند اُگهاڙپ نه ڪري ها ته، نيروليءَ جو ڪُنُ ڪيئن نه اڃا به وڌيڪ سگهاري تخليص ٿي پوي ها. گهٽ ۾ گهٽ ماڻڪ ۽ (ملڪ) آگاڻيءَ جهڙن ليکڪن کان اهڙي ڀُل نه ٿيڻ گهرجي ها! ماڻڪ، لڙهندڙ نسل ۾ اگهاڙپ جو اظهار ڪيو ته اسان سمورا هن جا هم عصر ان عمل کان متاثر ٿياسي. آگاڻيءَ وري اهڙو ئي عمل ڪيو آهي. خبر ناهي ته ان جا ڪهڙا نتيجا نڪرندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.