فوجي عدالتن جي 25 جوابدارن کي ڏنل سزا ۽ مڪمل انصاف جي ڳالھه

پاڪستاني فوج جو چوڻ آهي ته فوجي عدالتن پهرين مرحلي ۾ 9 مئي جي ُپرتشدد احتجاج ۾ ملوث 25 جوابدارن کي ڪورٽ مارشل مڪمل ڪري.انھن کي 2 کان 10 سال  جبري پورھئي سان سزا ٻڌائي آهي.هڪ بيان ۾، پاڪ فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ (آءِ ايس پي آر)  جو چوڻ  ھو تھ اھي سزائون ”تنبيھھ  آھن تھ مستقبل ۾ ڪڏهن به قانون کي هٿ ۾ نه کڻيو وڃي،  ۽ اھو ”انهن سڀني ماڻھن جي  لاءِ واضح پيغام آهي جيڪي ڪجھه  مفاد پرستن جي ھٿن ۾ استحصال  جو شڪار ٿين ٿا. “

آءِ ايس پي آر موجب جن 25 جوابدارن کي سزا ٻڌائي وئي آهي، انهن مان 11 تي، ڪور ڪمانڊر هائوس لاهور، ٻن تي، جي ايڇ ڪيو، ٻن تي ميانوالي ايئر بيس ۽ هڪ تي فيصل آباد ۾ آءِ ايس آءِ جي آفيس  ۾ ڀڃ ڊاھ ڪرڻ جو الزام ھو.جڏھن تھ ٻن جوابدارن تي ملتان ڪينٽ چيڪ پوسٽ تي ۽ پنجن تي پنجاب ريجمينٽ سينٽر مردان تي حملي جا الزام ھئا.

ياد رهي ته 13 ڊسمبر تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان فوجي عدالتن ۾ هلندڙ ڪيسن ۾ 85 جوابدارن جا فيصلا ٻڌڻ جي مشروط اجازت ڏني هئي، جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني لارجر بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ھئي ۽ پنهنجي حڪم ۾ چيو ھو  ته فوجي عدالتن جا فيصلا سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيس جي فيصلي سان مشروط هوندا.سپريم ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ چيو هو ته جن جوابدارن کي سزائن ۾ رعايت ملي سگھي ٿي ، اھا ڏئي انهن کي آزاد ڪيو ويندو ۽ جن جوابدار آزاد نه ٿو ڪري سگھجي، انهن کي سزا ٻڌائي جيل موڪليو ويندو.

گذريل سال آڪٽوبر ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان عام ماڻهن جي ٽرائل بابت آرمي ايڪٽ جي شق 21 ڊي کي ڪالعدم قرار ڏيندي 9 ۽ 10 مئي جي واقعن ۾ گرفتار سمورن جوابدارن جا ڪيس فوجي عدالتن مان فوجداري عدالتن ۾ موڪلڻ جو حڪم ڏنو هو.

9  مئي 2023ع تي پي ٽي آءِ سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ پرتشدد مظاهرا ٿيا ۽ فوجي تنصيبات سميت ڪيترين ئي سرڪاري عمارتن تي حملا ڪيا ويا ھئا.پارليامينٽ ۾ 9 مئي سانحي جي ذميوارن جوڪيس  فوجي عدالتن ۾ ٽرائل ڪرڻ بابت ٺهراءُ منظور ڪيو ويو ھو، جنهن کانپوءِ وفاقي حڪومت انهن ماڻهن جا ڪيس فوجي عدالتن ۾ موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ھئي. آءِ ايس پي آر وڌيڪ اھو بھ چيو آھي ھو تھ ”حقيقي معنيٰ ۾ مڪمل انصاف ان وقت ٿيندو جڏهن 9 مئي جي ماسٽر مائينڊ ۽ سازش ڪندڙن کي آئين ۽ قانون موجب سزا ملندي ۽ 9 مئي جي ڪيس  ۾ انصاف فراهم ڪري تشدد تي ٻڌل گمراهه ڪندڙ ۽ تباهي واري سياست کي دفن ڪيو ويندو“.پاڪ فوج جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ”ٻين جوابدارن جي سزا جو  اعلان بھ انھن جي قانوني عمل مڪمل ٿيندي ئي ڪيو ويندو. مختلف جوابدارن خلاف  مختلف دهشتگردي ٽوڙ عدالتن ۾ ڪيس پڻ هلندڙ آهن“ بيان موجب ” سمورن سزا يافته ڏوهارين وٽ آئين ۽ قانون موجب اپيل ۽ ٻي قانوني ڪارروائي جو حق آهي“

گذريل سال 9 مئي کان پوءِ آرمي چيف جي سربراهي ۾ ڪور ڪمانڊرن جي خاص اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ھو تھ فوجي تنصيبات ۽ اهلڪارن تي حملن ۾ ملوث فردن خلاف فوج جي لاڳاپيل  قانونن جنھن ۾آرمي ايڪٽ ۽ سيڪريٽس ايڪٽ شامل آهن موجب ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ان کان پوءِ فوج طرفان فوجي عدالتن بابت بيانن ۾ چيو پئي ته آرمي سيڪريٽ ايڪٽ تحت گرفتار ٿيلن سان آئين ۽ قانون موجب ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.هلندڙ سال 7 مئي تي هڪ پريس ڪانفرنس ڪندي هٿياربند فوج جي ترجمان ميجر جنرل احمد شريف چوڌري چيو هو ته جيڪڏهن 9 مئي سانحي جي ڏوهارين کي سزا نه ڏني وئي ته پوءِ ڪنهن جي جان، مال، عزت ۽ آبرو محفوظ نھ رھندا.

ان کان سواءِ  9 مئي جي واقعي کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي جاري ڪيل بيان ۾ پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير چيو ھو  ته اهي عنصر جيڪي هن مجرماڻي ڪارروائي جي اصل مقصد ۽ سياسي  ارادن کي نھ سمجھي سگھيا ۽ سازش ڪندڙن لاءِ  ٻارڻ طور استعمال ٿيا. پاڪستان جي سپريم ڪورٽ جي ھدايت تحت انھن کي اڳ ۾ ئي شڪ جو فائدو ڏنو ويو آھي. پر ان عمل جا حقيقي ڏوھي جيڪي  هاڻي پاڻ کي متاثرين جي طور تي پيش ڪن ٿا، پنھنجي عملن جي لاءِ جوابدھ  ھوندا.خاص طور تي جڏھن  منظم  تشدد ۽ تخريبڪاري ۾ انھن جي ملوث هجڻ جا ناقابل ترديد ثبوت  موجود آهن.

ھن ڪيس جي پس منظر ۾ ھيٺيان مرحلا آيا. آڪٽوبر 2023: جسٽس اعجاز الحسن جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل بابت ڇهن صفحن تي ٻڌل مختصر لکت وارو فيصلو جاري ڪندي قرار ڏنو ته فوجي عدالت ۾ عام شھرين  جا ڪيس نه هلائڻ جو فيصلو متفقه طور تي ڪيو ويو آهي.سپريم ڪورٽ آرمي ايڪٽ جي شق 21 ڊي کي ڪالعدم قرار ڏيندي شهرين جي ٽرائل جي اجازت ڏئي ڇڏي.فيصلي ۾ چيو ويو ته اٽارني جنرل طرفان 9 ۽ 10 مئي جي واقعن ۾ ملوث سمورن 103 گرفتار ماڻهن جي فھرست يا انهن کانسواءِ بھ ڪو عام شهري انھن واقعن ۾ ڪنھن بھ طرح  ملوث  آھي ته انهن خلاف فوجي عدالتن ۾ ڪيس نه ٿو ھلائي سگهي.  عدالت حڪم ڏنو ته اهڙن سمورن ماڻهن خلاف ڪيس عام فوجداري عدالتن ۾ هلايا ويندا.

ڊسمبر 2023: سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي کي وفاقي حڪومت، وزارت دفاع، پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان حڪومت انٽرا ڪورٽ اپيلن ذريعي چئلينج ڪيو ھو ۽ بعد ۾ 6 رڪني بينچ 13 ڊسمبر تي ھڪ پنج  جي اڪثريت سان فيصلي کي معطل ڪري ڇڏيو ھو. اپريل 2024: 9 مئي جي واقعن ۾ جن 103 ماڻهن جا ڪيس قانوني طريقيڪار مڪمل ڪرڻ بعد فوجي عدالتن ڏانهن موڪليا ويا هئا، انهن مان 20 کي سزائون پوريون ڪرڻ بعد آزاد ڪيو ويو.

اپريل ۾ اٽارني جنرل آف پاڪستان منصور اعواڻ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل لکت واري جواب ۾ چيو هو ته 9 مئي ۽ 10 مئي جي واقعن ۾ سزا يافته 20 ماڻهن کي آزاد ڪيو ويو آهي.عدالت ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ھو  ته آزاد ڪيل ماڻهو فوج جي تحويل ۾ هئا ۽ ھي اھي ماڻھو هئا جيڪي ننڍي درجي جي قانوني ڀڃڪڙين ۽ ڏوهن ۾ ملوث هئا.

رپورٽ موجب انهن ڏوهارين کي فوجي عدالت هڪ ھڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي، اھي ڏوهاري 9 کان 10 مهينا سزا ڪٽي چڪا ھئا ۽ انھن کي سزا مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي آزاد ڪيو ويو هو.

ياد رهي ته آرمي چيف جنرل عاصم منير عيد کان اڳ اهڙن ماڻهن کي خاص رعايتون ڏنيون هيون، جنهن تي کين آزاد ڪيو ويو هو.ڊسمبر 2024: سپريم ڪورٽ آف پاڪستان فوجي عدالتن ۾ هلندڙ ڪيسن ۾ 85 جوابدارن جا فيصلا ٻڌائڻ جي مشروط اجازت ڏني ھئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.