فوجي عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي 25 ڪارڪنن کي 9 مئي جي فسادن ۾ ملوث هجڻ تي 2 کان 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل پهرين مرحلي ۾ سمورن ثبوتن کي جانچڻ، جوابدارن کي سمورن قانوني حقن جي فراهمي ۽ مناسب عمل مڪمل ڪرڻ کانپوءِ 25 جوابدارن کي سزائون ڏنيون آهن. ان ڳالهه کان انڪار ناهي ته هي ڪو پرامن احتجاج ڪندا آهن يا ڪري به سگهن ٿا، ماضي ۾ عمران خان پاڻ جڏهن اڃان سرڪار ۾ اچڻ جا خواب پئي ڏٺا تڏهن سول نافرماني ۽ فوجي قيادت تي تنقيد ۽ سياستدانن تي ڇوهه ڇٽيندو رهندو هيو، پر جڏهن اهي شيون پاڻ ڪري ويٺو ته هاڻي علي امين گنڊا پور جهڙن ماڻهن کي هشي ڏئي ٿو ڇڏي، جيڪي اهو چوڻ ۾ عار محسوس نه ٿا ڪن ته عمران هاڻي هٿيار کڻڻ جي رڳو اجازت ڏئي، ان ڪري ته پي ٽي آءِ جي سياسي فارمولي ۾ اها شيءِ سرفهرست آهي ته ڳالهه ڳالهه سان نبيري نه ٿي سگهي، پر هٿيارن ۽ بندوقن سان ڳالهه نبيري سگهجي ٿي. پر سوال اهو آهي ته اهي هٿيار ڪنهن جي خلاف اڀا ڪندا، ڪير ڏوهي آهي؟ اها ڳالهه به سمجهائين ته القادر يونيورسٽي جي 10 ميلن پائوندن جي ڦٻائڻ ۾ ڪنهن جو سڌو سنئون ڏوھه آهي، فارين فنڊنگ ۾ خان کي ڪنهن مٿي تي چاڙهيو جو هن جي اڳوڻي وني پنهنجو پاڻ يهودي ۽ اسرائيلي تنظيمن کان ان ڳالهه تي پيسا وٺڻ شروع ڪيا ته پاڪستان کي نئون ڪري ٺاهينداسين، ان ڪري چندو ڏيو. هن کي اها ڳالهه سمجھه ۾ آئي ته اسلام آباد ۾ ڪي پي ڪي جي ڪارڪنن ۽ منظور پشين جا پوئلڳ وٺي اسٽيبلشمينٽ سان مهاڏو اٽڪائيندو ته اها ڊڄي ويندي.
هاڻي انٽر سروسز پبلڪ رليشنز انهن سزائن کي ٿيل تشدد جي نتيجي ۾ احتساب ۽ انصاف کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هڪ اهم قدم قرار ڏنو آهي، جنهن کي عسڪري عدالت نفرت ۽ ڪوڙ جي مسلسل داستان سان منسوب ڪيو آهي. ڇو ته تشدد جي انهن وحشي ڪاررواين نه رڳو قوم کي صدمو پهچايو پر سياسي دهشتگرديءَ جي ان ناقابل قبول ڪوشش کي جانچڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو ته جيئن تشدد ۽ جبر جي ذريعي پي ٽي آءِ جي خواهش مسلط نه ڪئي وڃي. القادر ٽرسٽ ڪرپشن ڪيس ۾ خان جي مختصر گرفتاري کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ ڇڪتاڻ پکڙجي وئي. احتجاجن جي صورت مظاهرين حساس هنڌن تي چڙهائي ڪري ڀڃ ڊاھه ڪئي، شهيد سپاهين جي يادگارن کي باھه ڏني وئي ۽ سرڪاري عمارتن تي حملا ڪيا ويا، ان ڪري فوج 9 مئي کي ڪارو ڏينهن قرار ڏنو ۽ ان جي ذميوارن جو احتساب ڪرڻ جو عزم ڪيو. آءِ ايس پي آر مطابق 9 مئي سانحو پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ ڪارو باب بڻجي ويو آهي.
فوجي عدالتن کي سولين ٽرائل ڪرڻ جو فيصلو هڪ اهم قانوني چئلينج بڻجي ويو. سپريم ڪورٽ شروع ۾ ان ٽرائل خلاف فيصلو ڏنو پر 26هين آئيني ترميم کانپوءِ قائم ڪيل ست رڪني آئيني بئنچ بعد ۾ انهن ٽرائل جي اجازت ڏني. 13 ڊسمبر تي سپريم ڪورٽ هدايت ڪئي ته 9 مئي جي فسادن جي التوا واري ڪيسن کي حتمي شڪل ڏئي فيصلا ٻڌائڻ جي اجازت ڏني وڃي. گذريل سال اپريل ۾ عيدالفطر کان اڳ آرمي چيف طرفان ڏنل معافي کانپوءِ ٽن سالن کان گهٽ سزا وارن 20 ماڻهن کي آزاد ڪيو ويو هو. آزاد ٿيڻ جي باوجود لڳ ڀڳ 85 شڪي حراست ۾ رهيا. اپيل جي حق ۾ آءِ ايس پي آر ان ڳالهه تي زور ڏنو هو ته ٽرائل مناسب قانوني عمل کانپوءِ ڪيو وڃي. سمورن ثبوتن جي چڱيءَ ريت جاچ ڪئي وئي، جوابدارن کي صفائي جو موقعو ڏنو ويو، انهن پنهنجا قانوني حق به استعمال ڪيا، ۽ سزا يافتا ماڻهن کي اپيل ڪرڻ جو حق برقرار ڏنو وڃي، جيئن قانون ۽ آئين ۾ ضمانت آهي. فوجي عدالتن کان سواءِ عمران خان سميت پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي اڳواڻن خلاف دهشتگردي ٽوڙ عدالتن ۾ ڪيس هلي رهيا آهن. آءِ ايس پي آر مطابق 9 مئي جي تشدد جي ”ماسٽر مائينڊ ۽ پلانر“ جي خلاف ايندڙ ڪاررواين جو اشارو پڻ ڏنو ويو آهي، جنهن جو امڪان عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي ٻين سينيئر شخصيتن ڏانهن آهي.
آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراھه فيض حميد (جيڪو هن وقت ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي کي منهن ڏئي رهيو آهي) کان به 9 مئي جي فسادن ۾ ملوث هجڻ جي الزام ۾ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي. فوج جو چوڻ آهي ته 9 مئي سانحي جي ماسٽر مائينڊ ۽ سازش ڪندڙن کي ملڪ جي آئين ۽ قانون موجب سزا ملندي. آءِ ايس پي آر سزا کي ملڪ جي استحڪام ۽ مستقبل جي بدامني کي روڪڻ لاءِ هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏنو آهي، ڇو ته اهو قوم کي انصاف جي فراهمي ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي، اهو انهن سڀني لاءِ پڻ هڪ سبق به آهي، جيڪي ذاتي مفادن جو استحصال ڪن ٿا، اهي جيڪي سياسي پروپيگنڊا ۽ ڪوڙ جو شڪار ٿين ٿا، اهي هاڻي مستقبل ۾ ڪڏهن به قانون کي پنهنجي هٿن ۾ نه کڻندا. اسٽيبلشمينٽ اهڙي تشدد جو الزام تباهي واري سياست، فرقيواريت، ۽ بي بنياد پروپيگنڊا تي لڳايو آهي. عسڪري قيادت پاڪستان جي رياست جي قيام کي يقيني بڻائڻ لاءِ انصاف جي فراهمي لاءِ ڀرپور ڪوششون جاري رکندي، پر پي ٽي آءِ ٽرائل کي غير آئيني قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ الزام هنيو آهي ته اها بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي ۽ انساني حقن جي تنظيمن به ڪارروائي جي شفافيت تي خدشا ظاهر ڪيا آهن.