ملڪي سياسي صورتحال ۽ بلاول ڀٽو کي وزيراعظم بڻائڻ جا چوٻول

تحرير: خدا بخش بروھي

 ڪجهه ڏينھن اڳ پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ بريسٽر سيف جو سوشل ميديا تي بيان وائرل ٿيو ھو، جنهن ۾ ھو چئي رهيو آهي ته ايوان صدر ۾ ن ليگ جي وزير اعظم شھباز شريف کي ھٽائڻ ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بنائڻ جون تياريون  ھلي رهيون آهن.هن اهو به چيو ته  ايوان صدر ۾ ن ليگ حڪومت کي ڪيرائڻ خاطر  ميٽنگون ٿي رھيون آھن صدر زرداري  ھر حالت ۾ شھباز شريف کي ھٽائي بلاول کي وزير اعظم ڪرڻ چاھي ٿو.

بريسٽر سيف، بلاول پاران ڪي پي ڪي ۾ سياسي سرگرمين کان خائف آھي يا مدارس ترميم ايڪٽ بل تي صدر پاران وزير اعظم جي موڪليل سمري تي صحيح نه ڪرڻ ۽ مولانا جي ناراضگي جو فائدو وٺي ن ليگ، جي يو آءِ  ۽ پ پ وچ ۾ ڏار وجھڻ چاھي ٿو ايئن موقعو وٺي ٽنھي پارٽين ۾ ويڇا وجھڻ گھري ٿو  يا ٻي ڪا اھم ٽِرِڪ ويڙھائي اٿس،  بھرحال اھا ڳالهه پنھنجي جاءِ تي آھي  اسان ڏسنداسين ڇا واقعي اھڙي پوزيشن ٿي وئي آھي؟  جو صدر آصف زرداري جيڪو ھن وقت ملڪ جو نيوٽرل صدر آھي ايئن ڪيئن ڪري سگھي ٿو يا ماضي ۾ پ پ قيادت ڪنھن جمھوري حڪومت کي ڪيرائي آھي؟  يا ڪيرائن جي ڪوشش ڪئي آھي؟

ساڳي وقت اپوزيشن سان به  ڳالهين لاءِ تقريبن تيار آھي پوءِ اھڙي صورتحال ۾ زرداري فيملي ڪڏھن نه چاھيندي ته شريف فيملي ۽ ان جي ھمدردن کي  ناراض ڪريون، جيڪو ملڪي جمھوريت لاءِ ھاڃيڪار ثابت ٿئي وري جي اسان  پ پ قيادت کي ڏسنداسين  جيڪا ھن وقت ڏاڍي خوش لڳي پئي آھي ھڪ طرف پارٽي  سنڌ ۽ بلوچستان ۾ حڪومت ڪري  ٿي ٻئي پاسي سڄي ملڪ ۾ سياسي ميڙاڪا ڪرڻ ڪري سندس پوزيشن مضبوط ٿي رھي آهي. تاثر اھو ٿو ملي  پ پ نواز ليگ حڪومت  کان ڌار به ناھي ۽ حڪومت سان گڏ به ناھي ان ڪري پ پ ڪڏھن به  اھڙي جلد بازي ڪونه ڪندي ڪنھن کي ناراض ڪري حڪومت وٺي، ھو چاھيندي ن ليگ ڀلي ھي پنج سال پورا ڪري،  ھا ان ڳالهه کان ڪڏھن به  انڪار نٿو ڪري سگھجي پ پ ايندڙ اليڪشن ۾ بلاول کي  وزير اغظم ڪرڻ جي ڀرپور تياري ڪري رهي آھي ان ڪري پارٽي قيادت، ليڊر توڙي ورڪر اھا واضع اميد ڪري ويٺا آھن ايندڙ اليڪشن کان پوءِ حڪومت پ پ جي ھوندي ۽ بلاول ڀٽو زرداري وزير اعظم ٿيندو. ان جو اندازو ان مان به ڪري سگھجي ٿو تازو 57 ھين يوم تاسيس تي پارٽي چيئرمين پوري ملڪ جي 150 کان مٿي  يوم تاسيس جي پروگرامن کي وڊيو لنڪ ذريعي ھڪ ئي وقت خطاب ڪيو ان مان اندازو ٿيو پارٽي ايندڙ اليڪشن جي تياري ڪري پئي جيڪا ھن وقت کان شروع ڪري ڇڏي آھي  ڇوته ھونئن ته پوري ملڪ ۾ ھر سال يوم تاسيس ملھايو وڃي ٿو پر ھن سال وارو طريقو  ڪافي مختلف ۽ پرجوش ۽ وڏي پيماني تي سٺن انتظامن سان ھو جيڪو خطاب وڊيو لنڪ ذريعي ھڪ ئي وقت  دنيا ۾ ڏٺو ۽ ٻڌو ويو .

يوم تاسيس جي حوالي سان بلاول جي تقريرن کي ڏسنداسين ته ان مان ظاھر ٿيندو ته بلاول وزير اعظم ٿيڻ لاءِ پراميد آھي پر ايئن جلدي نه ڪندو جيئن بريسٽر سيف چيو آھي.  ھا ھن جي بيان جو محور ملڪ ۾ موجودہ سياسي بحران ۽ سنڌو درياهه مان ڇھن ڪينالن جي ڪڍڻ سنڌ کي امڪاني سوڪڙي ڏي ڌڪڻي ڇڏڻ جي تياري ھارين زميندارن جي نقصان زراعت تي پوندڙ منفي اثرن بابت  رھيو، توڙي جو قوم پرست ڌريون ۽ فنڪشنل ليگ جي پير پاڳارو صدر زرداري تي الزام ھڻن ٿا ته ھن ڪينالن واري سمري تي صحيح ڪئي آھي پر پ پ قيادت ليڊرشپ ان ڳالهه کان انڪار ڪندي ڪينالن خلاف بيان ڏيندي رھي آھي، پير پاڳارو ٿر ۽ سانگھڙ سميت سنڌ جي  مختلف حصن ۾ مريدن جي دعوتن تي نڪتل ھو جتي ھو ڪينالن متعلق ڪابه ڳالهه نٿو ڪري  پر ڪينالن بابت سوال تي پير پاڳاري چيو ته زرداري جيڪڏھن صدارتي آفيس ۾ ويھي ڪينالن واري سمري صحيح ڪري ٿو اسان ڇا ٿا ڪري سگھون ھن کي سنڌ جا ووٽ کپن ٿا ھن اھو به اشارو ڏنو آھي سنڌ وارا وري به گذارو ڪري ويندا پر بلوچستان سخت متاثر ٿيندو ان مان اندازو ٿئي ٿو  پير پاڳارو ڪينالن جي خلاف ضرور اھو چئي ٿو ڪينال  سنڌ ۽ بلوچستان لاءِ  نقصان ڪار ثابت ٿيندا.

ٻئي پاسي  بلاول  يوم تاسيس واري خطاب ۾ ڪينالن کي  صوبن ۽ مرڪز وچ ۾ ھڪ نئين تڪرار جي راھ ھموار قرار ڏنو ھو پوءِ ڪيئن چئي سگھجي ٿو ته آصف علي زرداري ان تي صحيح ڪئي آھي ۽  پ پ ان جي حق ۾ آھي اھو ضرور آھي پ پ  چيئرمين جتي اپوزيشن جي موجودہ طريقي کي تنقيد جو نشانو بنائيندو رھي ٿو اتي حڪومتي پاليسين کي به ڪنھن حد تائين اصلاحي  تنقيد جو نشانو بنائيدو رھيو آھي  اھو تاثر ھو ڪينالن جو سخت خلاف ھجڻ کان وٺي سگھجي ٿو پر ان جو مقصد اھو ڪڏھن ناھي پ پ شھباز حڪومت کي ڊي ريل ڪرڻ چاھي ٿي

پ پ هميشه  ملڪ ۾ پاڻي جي غلط ورڇ يا غلط ورھاست تي نه رڳو ھتي جي زراعت،ھارين  زميندارن ۽  ملڪي جي معيشت تي پوندڙ اثرن جي تناظر سان پنھنجو سخت موقف بيان ڪيو آھي پر ڪينالن واري اشو تي وفاقي حڪومت جي فيصلي تي  پ پ جي رضامندي وارو اشو  سمجھه کان ٻاھر آھي ساڳي طرح  جيڪڏھن سنڌ جون زمينون بنجر ٿينديون ته پ پ ليڊرشپ خود سخت متاثر ٿيندي ان ڪري جو سندن وڏي زمينداري سنڌ سان وابسته آھي  اھو سچ آھي پ پ چيئرمين  ڇھن ڪينالن واري اشو. تي  وفاقي حڪومت جي پاليسي کان ڌار ٿيڻ جو چٽو اشارو ضرور ڏنو آھي پر  غير آئيني طو ر طريقن کان پارٽي هميشه پري رھي آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.