2022ع جي ٻوڏ دوران تباهه ٿيل علائقن جي بحالي لاءِ ٿيندڙ ڪم

تحرير: ماريا اسماعيل

اسان جو علائقو 2022 جي ٻوڏ ۾ تباهه ٿي ويو ۽ اسان کي هتان لڏڻو پيو. جڏهن اسان هڪ مهيني کان پوءِ واپس آياسين، ٻوڏ جو پاڻي تي ختم ٿي ويو پر اسان جي عورتن کي پيئڻ جو صاف پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ چار ڪلوميٽر فاصلي تان پاڻي کڻڻو ٿي پيو، جيڪو پاڻي ميسر هو اهو به صاف نه هو. جنهن سبب اسان جا ٻار مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ لڳا. روڊن جي خراب حالت هئڻ سبب ٻارڙا تعليم کان محروم ٿي ويا. اهو ته ٺهيو پر مريضن کي اسپتالن تائين پهچڻ ۾ به ڏکيائيون پيش ٿي آيون، اهي ڳالهيون ڪوٽڙي جي ڳوٺ ڪارو کوهه سان تعلق رکندڙ عورت سماجي ورڪر ساجده ملاح ۽ مومل ملاح ٻڌايون. انھن عورتن جي صبح جي شروعات پنهنجي ڀرپاسي وارن علائقن جي عورتن کي مختلف طريقن سان تربيت ڏيڻ کان شروع ٿئي ٿي ته جيئن ٻهراڙيون جون عورتون هنر سکي عزت جو روزگار حاصل ڪري سگهن.

2022ع جي ٻوڏ سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن کي تباهه ڪري ڇڏيو. جنهن سبب 18 لک کان وڌيڪ گهر ڊهي پٽ ٿي ويا ۽ 37 لک 73 هزار ايڪڙن تي بيٺل فصل به تباهه ٿي ويا. ٻوڏ ۾ وڌيڪ متاثر ٿيندڙ عورتون ۽ ٻارڙا هئا جيڪي گهڻا متاثر ٿيا آهن. ان ڏس ۾ سنڌ فلڊ ايمرجنسي رييبليٽيشن پروجيڪٽ، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ، حڪومت سنڌ ۽ ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان هڪ منصوبو شروع ڪيو ويو آهي، جنهن تحت تباهه ٿيل علائقن کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ٻوڏ، قدرتي آفتن، روڊ ۽ حادثن جي صورت ۾ 1122 ۽ سيٽلائٽ اسٽيشن جهڙا منصوبا جن تي ڪم جاري آهي بلڪ ان سلسلي ۾ شروع ڪيل ڪم 60 سيڪڙو مڪمل ٿي ويو آهي.

ڊپٽي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر محمد اسلم لغاري چيو ته ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان اسان اهو ڪم شروع ڪيو آهي، جنهن تحت جون 2024ع ۾ اڍائي هزار والن جي جگهه تي مقامي ماڻهن لاءِ 18 بور هول ۽ 80 کان 120 فوٽ اونهو پاڻي زمين مان نيڪال ڪري ٽيڪين ۾ گڏ ڪيو ويندو، جنهن کي مقامي ماڻهن جي استعمال ۾ آندو ويندو. سليم لغاري وڌيڪ ٻڌايو ته اهي ٻئي ٽينڪ 14 فوٽ اونها ۽ 30 فوٽ ڊگها تعمير ڪيا آهن، هن چيو ته 21 واٽ جو سولر پاور سسٽم لڳايو ويو آهي. جيڪو صبح 7 وڳي کان منجهند 3 وڳي تائين زمين مان پاڻي گڏ ڪري ان کي ٽينڪ ۾ جمع ڪندو آهي. کوٽائي کانپوءِ روزاني جي بنياد تي مقامي ماڻهن کي زمين ۾ وڇايل پائپ ذريعي پاڻي ڏنو ويندو آهي، اهو پروجيڪٽ 2025ع کان اڳ مڪمل ڪيو ويندو. اسلم لغاري وڌيڪ چيو ته ان منصوبي سان لڳ ڀڳ اڍائي هزار خاندان ۽ 3 هزار ماڻهو فائدو حاصل ڪري سگهندا. هن چيو ته اسان جا پراجيڪٽ سنڌ جي مختلف ضلعن بدين، عمرڪوٽ، شهيد بينظير آباد، ميرپورخاص، سانگهڙ، جيڪب آباد، قمبر شهدادڪوٽ، دادو، جامشوري، نوشهرفيروز ۽ خيرپور ۾ جوڙيو پرو وڃي جنهن مان 500 واٽر پلانٽس ذريعي ٽي ملين ماڻهو فائدو وٺندا.

ساجده ملاح چيو ته صاف پاڻي پيئڻ سان اسان جي زندگي ۾ بهتري آئي آهي، ڇو ته اسان جون عورتون سفر ڪري رهيون هيون ۽ ٻارن ۾ مختلف بيماريون پکڙجي رهيون هيون. هن ٻڌايو ته ملاح برادري جا ماڻهو درياھ مان مڇي جو شڪار ڪري بازار ۾ وڪرو ڪندا هئا پر ٻوڏ جي ڪري سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويو. اسان جا مرد هن مهل شهر ۾ وڃي مزدوري ڪندا آهن. اسان جي ڳوٺ جو عورتون رليون ۽ ڪپڙا ٺاهي حيدر آباد سميت ٻين شهرن ۾ وڪرو ڪنديون آهن. ساجده ملاح وڌيڪ چيو ته اسان وٽ پاڻي جي کوٽ سبب اسان ڪچن گارڊن جو ڪم شروع ڪيو آهي، جنهن ۾ جنهن ڀاڄين جي مُند هوندي آهي اُن جي پوکي ڪندا ۽ اها اسان پنهنجي ڳوٺ ۾ استعمال ڪندا آهيون. ورلڊ بئنڪ جي آرگنائزر رتنا صديق ٻڌايو ته هڪ وقت ۾ ٽي هزار کان وڌيڪ ماڻهو هن اسڪيم مان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن. هن ٻڌايو ته انهن کي ويجهو جيڪي ٻيا ڳوٺ آهن اهي ٻه پاڻي گهٽتائي سبب ان اسڪيم مان فائدو وٺي سگهن ٿا.

ڊسٽرڪٽ حيدر آباد ۾ عالمي بئنڪ جي مدد سان 1122 رسيڪو ايمرجنسي نرڪز ٺاهيو ويو آهي، جنهن جي آفيسر روشن علي مهيسر ٻڌايو ته 1122 جو حيدر آباد ۾ مرڪز ٺاهڻ جو مقصد 2022ع جي ٻوڏ کان پوءِ اصمرجنسي سروسز جي فوري رسائي آهي. اسان جو مقصد ماڻهن جي زندگين کي بروقت پچائڻ آهي. هن چيو ته وٽن 80 جي لڳ ڀڳ اسٽاف به موجود آهي چئن فائرٽينڊرن، ويهه ٽوٻن، ٽي ايمزين ۽ هڪ ٽرڪ موجود آهي.

ايس ٽي او وحيد منگي چيو ته سنڌ ۾ 143 فلڊ ريزيلنس روڊ تي ڪم ڪيو وڃي پيو، جيڪو تقريباً 866 ڪلوميٽر آهي. هن روڊ جي هڪ کان ڏيڊ ميٽر مٿ آهي. هن چيو ته هن منصوبي مان 21 لک ماڻهن کي فائدو حاصل ٿيندو. ايس ٽي او وحيد منگي چيو ته ٽنڊو حيدر کان ٽنڊو قيصر وڃڻ وارو روڊ 8 کان 10 ڪلوميٽر آهي. جنهن جي بهتري سان ميرپورخاص جي ننڊي وڏي ڳوٺن جو لنڪ ٿيندو. پراجيڪٽ ڪوآرڊينٽر غلام شبير چيو ته هي پراجيڪٽ تقريباً 100 ملين ڊالر جو آهي، جنهن ۾ اضافو ٿي ويو آهي.

پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ۽ ايس ايف اي آر پي جي هيڊ غلام اصغر ڪناسرو چيو ته هي روڊ صرف هڪ انفراسٽرڪچر ناهي بلڪه اسان جي ڪميونٽي جي مستقبل لاءِ سيڙپڪاري به آهي. هن چيو ته معيار ۽ ڪارڪردگي کي ترجيع ڏئي اسان هڪ اهڙو منصوبو ڏنو آهي جنهن سان اسان لاءِ اچڻ واري سالن ۾ اسان جي ڪميونٽي کي فائدو ٿيندو. ميڊيا انيشيئيٽيو جي چئيرپرسن شينيه فراز چيو آهي ته هي روڊ ڪيترن ئي ڳوٺن کي هاءِ وي سان ملائڻ جو پراجيڪٽ آهي. اسان جي صوبي جي عورتن کي فائدو ڏيندو ۽ ملڪي معيشت تيزي سان ترقي ڪندي. سنڌ حڪومت ۽ ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان جيڪي پراجيڪٽ شروع ڪيا ويا آهن انهن تي تيزي سان ڪم جاري آهي. اهي منصوبا 2025ع ۾ مڪمل ٿيندا اميد ته هنن ڪمن سان سنڌ کي خوشحال صوبو بڻايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.