غزا ۾ اسرائيلي جارحيت جاري، وڌيڪ 32 فلسطيني شهيد

غزا ( م ڊ ) غزا ۾ 2 اسپتالن ۽ پناهگيرن جي ڪيمپن تي اسرائيلي فوج جو حملو، وڌيڪ 32 فلسطيني شهيد ٿي ويا، اسرائيلي فوج رات دير سان غزا ۾ 2 اسپتالن ۽ پناهگيرن جي ڪئمپ تي حملو ڪري قانون ساز ڪائونسل جي ميمبر سميت وڌيڪ 32 فلسطيني شهيد ڪري ڇڏيا.ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي سربراهه اتر غزا ۾ ڪمال عدوان  اسپتال جي ويجهو فوري طور تي جنگبندي جو مطالبو ڪيو. پرڏيهي ميڊيا موجب غزا شهر ويجهو دراج ۾ اسرائيلي هوائي فوج جي اسڪول ۾ قائم پناهگيرن جي ڪيمپ تي اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ 14 فلسطيني شهيد ٿي ويا . 2 ڏينهن اڳ به اسرائيلي جهازن نصرت ڪيمپ ۽ ديرالبلاح تي بمباري ڪئي، اسرائيلي فوج جي حملن ۾ هڪ عورت پنهنجي 3 ڌيئرن سميت حياتي وڃائي ويٺي.

  1. وفاقي حڪومت جي قرضن ۾ 3 ھزار 919 اربن جي واڌ

اسلام آباد (م ڊ)2024 ۾ وفاقي حڪومت جي قرضن جي مد۾  مجموعي طور تي 3 ھزار 919 ارب روپين جواضافو ٿيو آھي  جڏھن تھ  پرڏيھي قرضن ۾ گھٽتائي نظر آئي آھي. اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي دستاويز مطابق 2024 ۾ وفاقي حڪومت جي مقامي قرضن ۾ 4 ھزار 632 ارب روپيا واڌارو ٿيو  آھي ۽ پرڏيھي قرضن ۾ 710 ارب روپيا گھٽتائي ٿي آھي. آڪٽوبر 2024 تائين 69  ھزار 114 ارب روپيا قرض رھيو نومبر ۽ ڊسمبر جي ڊيٽا اڃان نھ ملي آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.