سزائون عمران خان کي فوجي عدالتن ۾ پيش ڪرڻ جو پلان آهي: پي ٽي آءِ

اسلام آباد(م ڊ) تحريڪ انصاف فوجي عدالتن جي فيصلي کي غير آئيني قرار ڏيندي چيو آهي ته اهو عمران خان کي فوجي عدالتن  آڏو پيش ڪرڻ جو منصوبو آهي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سلمان اڪرم راجا چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ جي باني کي فوجي عدالتن ۾ پيش ڪيو ويو ته اهو تمام خراب ڏينهن هوندو، جيڪو ڀٽي سان ٿيو، اسين اڃا ان مان نڪتا ناهيون، اپيل ڪريان ٿو ته ائين نه ڪريو، دنيا اسان جو مذاق اڏائيندي، فوجي عدالتن جي سزائن باوجود اسين ڳالهين لاءِ تيار آهيون، لطيف کوسي چيو ته فوجي عدالتن جا فيصلا غير آئيني ۽ غير قانوني آهن، فوجي جج پنهنجي ملازمن خلاف ڪارروائي ڪري سگهن ٿا پر سويلين کي سزا نه ٿا ڏئي سگهن، 26 هين ترميم ذريعي عدليه کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ان کان اڳ عمر ايوب چيو ته فوجي عدالتون ڪينگرو ڪورٽون آهن، سزائون انصاف جي اصولن جي ابتڙ آهن، ان کي رد ڪيون ٿا، گرفتار ماڻهو عام شهري آهن، فوجي عدالتن ۾ ڪيس نه ٿو هلائي سگهجي، اسد قيصر چيو ته فيصلو انساني حقن جي بنيادي ڀڃڪڙي آهي، ٽرائل دوران گهرجون پوريون نه ڪيون ويون، فيصلي کي هر فورم تي چئلينج ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.