اسلام آباد(م ڊ) عمران خان سان ملاقات بعد عليما خان چيو ته عمران خان چيو آهي ته اوورسيز پاڪستاني سڀاڻي کان ناڻو پاڪستان نه موڪلين ڇو ته حڪومت جو ارادو ڳالهيون ڪرڻ جو ناهي، جيڪڏهن حڪومت ڳالهيون ڪيون ته سڏ واپس ورتو ويندو، عمران خان ڳالهين جي شروعات ۾ پنهنجي راءِ نه ڏيندو، عليما خان چيو آهي ته لڳي ٿو ته عمران خان اڃا 3 کان 4 مهينا جيل ۾ ئي رهندو، القادر ٽرسٽ جو ڪيس هاءِ ڪورٽ ۾ ويندو، جنهن ۾ 6 مهينا لڳي سگهن ٿا، 9 مئي ۽ 26 نومبر تي عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي.